GuidePedia

0


هالارپورٽ: نديم مڱريو
تعلقه اسپتال هالا جي ڊسپينسر تي ڊيوٽي دوران حملو، ڊسپينسر رتورت، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جو  احتجاجي مظاهرو،
خبر موجب تعلقه اسپتال هالا جي ڊسپينسر ظهورميمڻ ڊيوٽي جي دوران ليڊيز وارڊ ۾ اندر داخل ٿيڻ تي منع ڪرڻ تان ماڇي برادري جي ميان بخش ماڇي ۽ سندس ساٿي ڊسپينسر مٿان وحشاڻو تشدد ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي تعلقه اسپتال جا سمورا ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا جنهن بعد اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ڊاڪٽر انورعلي سومرو جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال هالا جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته تعلقه اسپتال هالا کي پوليس طرفان ڪابه سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڊاڪٽرن مٿان حملا هر روز جو معمول بڻيل آهي ۽ ڊاڪٽر سخت خوف واري صورتحال ۾ اسپتال اندر ڪم ڪري رهيا آهن، هنن اعلى  اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته تعلقه اسپتال هالا جي ڊاڪٽرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري ڏني وڃي ۽ اسپتال عملي جي ظهير ميمڻ مٿان حملو ڪندڙ مذڪوره ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انهن مٿان ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي هالا پوليس واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

إرسال تعليق

 
Top