GuidePedia

0

ڀٽ شاهه رپورٽ   امتياز احمد ابڙو                                               
ڪئناڊا جي بروس کيلر فائونڊيشن پاران شاهه هائوس ڀاڻوٺ تي تقريب، غريب مسڪين ڳوٺاڻي کي گهر ۽ روزگار لاءِ رڪشا ڏني وئي، فائونڊيشن پاران ڀاڻوٺ ۾ هڪ روزه اکين جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، ڳوٺ ميرانپور ۾ فلٽرپلانٽ جي نئي سر مرمت، ڳوٺ ڀاڻوٺ جي اسڪولي ٻارڙن ۾ تنظيم پاران اسڪولي يونيفارم ۽ ٿيلها ورهايا ويا، تقريب ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جي سينئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه سميت وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن جي شرڪت،



خبر موجب ڳوٺ سماجي ترقياتي تنظيم ڀاڻوٺ پاران ڪئناڊا جي بروس کيلر فائونڊيشن جي تعاون سان شاهه هائوس ڀاڻوٺ ۾ هڪ تقريب جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي سينيئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه، سيد شاهه زمان شاهه، بروس کيلر ڪئناڊا جي نمائندي مختيار احمد جٽ، ڳوٺاڻي تنظيم جي صدر سيد عرفان شاهه، محمد موسى سيال، خالد شيخ، رائو اسلم، گل حسن راجپوت، رانا عبدالستار راجپوت،  منصور نواز ڀيون سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڳوٺاڻي ترقياتي تنظيم ڀاڻوٺ جيڪا غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ گذريل 40 سالن کان هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، ڳوٺاڻي تنظيم هن ڳوٺ جي نياڻين جون اجتماعي شاديون، ڳوٺاڻن لاءِ گهر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ڏنا آهن،  هنن چيو ته اسين تمام گهڻا ٿورائتا آهيون ڪئناڊا جي بروس کيلر فائونڊيشن جا جنهن جي مدد سان هن ڳوٺ جي ماڻهن کي گهر ۽ روزگار جو موقعا مليا آهن، تقريب کي ڪئناڊا جي بروس ڪيلر فائونڊيشن جي اڳواڻ مسٽر بروس کيلر ٽيلفونڪ خطاب ڪندي چيو ته اسين تمام گهڻا غريب هوندا هئاسين ۽ اسان جا وڏا روس ۾ لڏي اچي ڪئناڊا ۾ ويٺا جتي هنن پنهجو ڪاروبار ڪيو ۽ پنهنجي محنتن سان ڪاروبار ۾ ترقي ٿي ۽ هن وقت اسين پنهنجي ڪاروبار مان مختلف ملڪن جي غريب مسڪين ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان ۾ جتي دهشتگردي جا واقعا معمول بڻيل آهن اتي پاڪستان جو عوام تمام گهڻي غربت ۾ گذاري ٿو ۽ آئون پاڪستان جي غريب مسڪين ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، تقريب ۾ ڳوٺاڻي تنظيم جي صدر سيد عرفان شاهه ٻڌايو ته ڪئناڊا جي بروس کيلر فائونڊيشن جي طرفان ڀاڻوٺ ۾ اکين جي چڪاس جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر غازي مري، ڊاڪٽر حنيف کوکر، ڊاڪٽر امتياز انصاري ۽ ٻين مريضن جو مفت معائنو ڪيو ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون آهن ، ان کان علاوه ڳوٺ جي هڪ غريب مسڪين ڳوٺاڻي لالڻ ماڇي کي هڪ گهر ٺهرائي ڏنو ويو آهي ۽ ان جي روزگار لاءِ کيس رڪشا ڏني وئي آهي ته جيئن هو گهر سان گڏ پنهنجو روزگار ڪري پنهنجي ٻچن جو گذر سفر سٺي نموني سان ڪري سگهي، ان کان علاوه ڀاڻوٺ ۽ ڀرپاسي جي جر جو پاڻي کارو هئڻ سبب ڳوٺ ميرانپور ۾ فلٽر پلانٽ جي مرمت ڪرائي وئي آهي، تقريب جي آخر ۾ ڳوٺ جي اسڪولي ٻارڙن ۾ اسڪول جا يونيفارم ۽ ٿيلها تقسيم ڪيا ويا. ان کان اڳ بروس کيلر فائونڊيشن پاران ڀاڻوٺ ۾ لڳايل اکين جي چڪاس جي طبي ڪئمپ ۽ غريب ڳوٺاڻي کي ڏنل گهر جو مسلم ليگ ن سنڌ جي سينيئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه افتتاح ڪيو ۽ غريب ڳوٺاڻي کي روزگار لاءِ ڏنل رڪشا جون چاٻيون پڻ ڏنيون.

إرسال تعليق

 
Top