GuidePedia

0
Hala,, meranpur me sindh agriculture and fishing workers    union ke janib se ek roza tarbiaty workshop

ڀٽ شاهه رپورٽ   امتياز احمد ابڙو                                               

ڳوٺ ميرانپور ۾ سنڌ ايگريڪلچر اينڊ فشنگ ورڪرز يونين جي طرفان پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هڪ روزه تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سڀاڳي ڀيل، خاتل فيض ملاح، صالح ٻٻر، ڪرشن ڀيل، فوزيه ۽ ٻين عورتن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تربيتي ورڪشاپ جي ٽيوٽر اسدالله ميمڻ پروگرام ۾ آيل عورتن ۽ مردن کي آگاهي ڏيندي چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سان مزدورن جا قانون به صوبن ڏانهن منتقل ٿيا آهن، انهن قانون جي تحت زراعت کاتي ۽ ماهيگيري سان لاڳاپيل محنت ڪش ماڻهن کي صنعتي ڪارڪنن وانگر يونين سازي جو حق ڏنو ويو آهي، هن چيو ته ان حق کي استعمال ڪندي سنڌ ايگريڪلچر فشنگ ورڪر يونين جي قيادت ان ضرورت کي محسوس ڪيو ته زراعت ۽ ماهيگيري سان لاڳاپيل محنت ڪش ماڻهن کي بنيادي ٽريڊ يونين جي تعليم ڏني وڃي ته جيئن غربت ۽ مفلسي ۾ ورتل محنت ڪش ماڻهو پنهنجي حقن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

إرسال تعليق

 
Top