سڪيورٽي جي ٽيم جي رپورٽ کي نظر ۾
رکندي ٽيم کي ڀارت موڪليو ويندو:وزيراعظم نواز شريف
وفاقي
گهرو وزير چوڌري نثار، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت سڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ
ڌرم شالا پهتل سڪيورٽي ٽيم جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته سڪيورٽي
جي ٽيم جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي ٽيم کي ڀارت موڪليو ويندو.وزيراعظم هائوس اسلام
آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب،
وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ڀارت پهتل ٽيم جي رپورٽ بابت
وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.چوڌري نثار، وزيراعظم کي ٻڌايو ته سڪيورٽي وفد پاڪ-ڀارت ميچ
ڀارت جي ٻي شهر منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڌرم
شالا ۾ ميچ ٿي ته پاڪستان ٽيم لاءِ مسئلا ٿي سگهن ٿا.وفاقي گهرو وزير چيو ته پـِي
سـِي بـِي به پاڪ-ڀارت ميچ ڀارت جي شهر ڪولڪتا منتقل ڪرڻ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي
خط لکيو آهي، ان جو جواب ملڻ بعد ٽيم موڪلڻ بابت فيصلو ڪيوويندو.ان موقعي تي
وزيراعظم نواز شريف چيو ته سڪيورٽي ٽيم جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي
ڀارت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت
اڄ فيصلو ٿي جو امڪان آهي
إرسال تعليق