GuidePedia

0

پاڪستان جي مطالبي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 19 مارچ تي رٿيل پاڪ-ڀارت ميچ سڪيورٽي سببن ڪري ڌرم شالا مان ڪولڪتا منتقل

پاڪستان جي مطالبي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 19 مارچ تي رٿيل پاڪ-ڀارت ميچ سڪيورٽي سببن ڪري ڌرم شالا مان ڪولڪتا منتقل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ حتمي اعلان آءِ سي سي پاران پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيو ويندو.ڌرم شالا ۾ سڪيورٽي خدشن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کان پاڪ ڀارت ميچ ڪوڪلتا يا موهالي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن بعد  ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو مقابلو ڌرم شالا مان ڪولڪتا منتقل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.

19 مارچ تي رٿيل پاڪ-ڀارت ميچ ڪولڪتا ۾ ڪرائڻ بابت حتمي اعلان آءِ سي سي پاران پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي چار وڳي پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي اعلان ۽ حڪومت جي گرين سنگل ملڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ يا سڀاڻي دبئي جي رستي ڪوڪلتا روانو ٿيندي.پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري خاطري تائين ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي

إرسال تعليق

 
Top