GuidePedia

0
 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

هالا ويجهو ڀاڻوٺ وٽان سنڌو درياءُ ۾ سخت گرمي سبب وهنجڻ دوران پير ترڪي وڃڻ ڪري ڀاڻوٺ جا رهواسي 10 ورهين جا ٻه نينگر ذيشان ڪرڙ ۽ پٺاڻ ڪرڙ سنڌو درياءَ ۾ ڪري پيا، جڏهن ته نينگرن جي رڙين تي ڀرپاسي ۾ بيٺل ماڻهن هڪ نينگر پٺاڻ ڪرڙ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو جڏهن ته هڪ نينگر ذيشان ڪرڙ سنڌو درياءَ جي تيز لهرن جي ور چڙهي ٻڏي ويو واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا سنڌو درياءَ جي ڪناري تي پهچي ويا ۽ مقامي ٽوٻن جي مدد سان ٻڏي ويل نينگر ذيشان ڪرڙ جي ڳولا جاري آهي، ٻئي طرف ڪافي وقت گذري وڃڻ بعد به ٻڏي ويل نينگر جو لاش اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو جنهن تي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انتظاميه کي نينگر ٻڏي وڃڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي پر اڃا تائين ڪوبه سندن مدد لاءِ نه پهتو آهي، هنن اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته ٻڏي ويل نينگر جي لاش جي ڳولا لاءِ سندن مدد ڪئي وڃي ۽ نيوي جي ٽوٻن کي گهرائي سندن نينگر جو لاش ڳولي ڏنو وڃي،

إرسال تعليق

 
Top