GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

ضلعي مٽياري اندر سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خلاف پروگريسو الائنس ضلع مٽياري جي طرفان عبدالرشيد ڏيٿو، انور ٻرڙو، سردار اياز ميمڻ، آڪاش ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب هالا اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي اندر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ، ڊرينيج سسٽم جي تباهي، روڊ رستن جي تباهي، سرڪاري اسپتالن اندر پنهنجا نواز پاليسي، بند پيل اسڪول ۽ پيئڻ جي زهريلي پاڻي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، ضلعي اندر سرڪاري ادارن ۾ وڌندڙ ڪرپشن سبب ضلعي جو عوام سخت مايوس آهي، اسڪول ماستر کان وٺي مختيارڪار، ڊاڪٽر ۽ ٻي ڪامورا شاهي ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي جنهن سبب مٽياري ضلعي جو عوام وڏي عذاب ۾ زندگي گذاري رهيو آهي، هنن چيو ته هتان جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ سرڪاري ادارن اندر سياسي مداخلت سبب ڏينهون ڏينهن ڪرپشن ۽ بي روزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پڙهيل لکيل نوجوانن لاءِ ايندڙ نوڪريون پئسن عيوض اڻ پڙهيلن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته ضلعي مٽياري جي عوام جي ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ ڪروڙين اربين رپين جا فنڊ چونڊيل نمائندن جي روايتي سستي سبب ڪامورا شاهي هڙپ ڪري رهيا آهن جنهن سبب ضلعي مٽياري اندر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آهن، هنن چيو ته پروگريسو الائنس ضلعي جي مسئلن تي جدوجهد جو وچن ڪيو آهي ته جيسيتائين مٽياري ضلعي جي عوام جو لٽيل پئسو ڪرپٽ ڪامورن کان واپس نٿو ورتو وڃي تيسيتائين اسان جي هي جدوجهد جاري رهندي ۽ اڳتي هلي ڪنهن مسلسل تحريڪ جو اعلان ڪري سگهجي ٿو

إرسال تعليق

 
Top