GuidePedia

0
ڀٽ شاهه اي سي هالا پيٽرول پمپ تي ڇاپي دوران پمپ ملازم کان معلومات وٺندي

ڀٽ شاهه ۾ عوامي شڪايتن ۽ ڪورٽ سڳوري جي حڪم تحت اسسٽنٽ ڪمشنرهالا ملڪ اڪرام پاران ڀٽ شاهه ٽائون ڪميٽي جو عملو ۽ پوليس اهڪار ساڻ ڪري ڀٽ شاهه ۾ناجائز حد دخلين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن تيز ڪري درگاهه چاڙهي،دنبوره چوڪ،شاهي بازار،سبزي بازار،اسٽيشن روڊ ۽ ٻين جاين ۽ مين چوراهن تي ٿيل ناجائز حد دخليون، اڏاوتون ۽ غيرقانوني ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا جڏهن ته شهر جي مين جڳهن تي دڪاندارن پاران هوٽلون،ڪئبنون،ريڙها،دڪا ٺاهي شهر ۾ ناجائز حد دخليون ڪيون ويون هيون جنهن سان ڀٽائي جي درگاهه تي ايندڙ زائرين ،شهري ۽ اسڪول جا شاگرد ،شاگردياڻيون سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيون هيون ان سلسلي ۾ اي سي هالا ملڪ اڪرام ٻڌايو ته ڀٽائي جي شهر ۾ غير قانوني حددخليون ۽ ناجائز اڏاوتون هيون جن جي ڪري شهرين کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو اڄ انهن خلاف ڪورٽ سڳوري جي حڪم ۽ شهري شڪايتن تي آپريشن ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڀٽائي سرڪار جي شهر کي سهڻو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ڪنهن به غيرقانوني حڪم کي نه مڃيو ويندو جڏهن ته هن کان پهريان اي سي هالا ڀٽ شاهه ۾ شاهه حبيب پئٽرول پمپ ۽ شهباز پيٽرول پمپ تي اوچتا ڇاپا هڻي پيٽرول پمپ مالڪن پاران تيل ۽ ڊيزل جا واڌو اگهه ۽ پئمائش ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي ٻنهي پيٽرول پمپن مٿان تقريبن 40،000 روپيه ڪيش ڏنڊ وڌو ۽ آئيندا اهڙي حرڪت کان باز اچڻ جي وارننگ ڏيئي ڇڏي جڏهن ته ڪورٽ سڳوري جي جاري ٿيل حڪم تي اي سي هالا پاران ڪاروائي تي ڀٽ شاهه جي شهرين پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي .  

إرسال تعليق

 
Top