GuidePedia

0
Hala MNA Makhdoom saeed zama zile matiari ke sarkari    amaldaro se meeting karty hoe

هالارپورٽ : عبدالغفور ميمڻ

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 218 تان پ پ  جي چونڊيل ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف ضلعي مٽياري جي سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي، گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي مخدوم سعيد الزمان عاطف عملدران تي زور ڀريو ته هو ٽيم ورڪ واري جذبي سان ڪم ڪن ۽ عوام کي بهترين خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته هر عملدار کي سرڪار عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي ۽ اهي آرام بدران فيلڊ ۾ رهي عوام جا مسئلا ٻڌن ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ تحرڪ وٺن، مخدوم سعيد الزمان عاطف صحت ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي کاتن ۾ صفائي سٿرائي سميت ٻيا گهربل جوڳا انتظام ڪن. هن ڊي ايڇ او مٽياري کي هدايت ڪئي ته  اسپتالن ۾ مريضن کي علاج معالج جون بهترين سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ اسپتالن ۾ اسٽينڊ باءِ جنريٽر جي سهولت سميت مريضن لاءِ پيئڻ جي پاڻي  جي فراهمي  توڙي صفائي سٿرائي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن هن کيس اها به هدايت ڪئي ته  موجوده ايمبولينسن ۽دوائن جي پوزيشن بابت کيس جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ضلعي ۾ فوري طور هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪرڻ سميت  ماڻهن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ احتياطي اپاءِ اختيار ڪرڻ بابت ميڊيا ذريعي ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي. هن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي اسڪولن ۾ ٻارن جي انرولمينٽ سميت اسڪولن ۾ دستياب سهولتن بابت کيس رپورٽ پيش ڪن جڏهن ته معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعليم کاتي جي عملدارن، استادن، والدين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون وڃن . هن ورڪس ۽ سروسز کاتي ، ايجوڪيشن ورڪس ، بلڊنگس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي هلندڙ رٿائن کي  جلد مڪمل ڪن ته جيئن عوام کي ان جو ثمر ملي سگهي . هن ٽائون آفيسرن سميت لوڪل گورنمنٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي ، صفائي سٿرائي سميت ٻيون گهربل سهولتون فراهم ڪن. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال سميت مٽياري ضلعي جي سمورن کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي

إرسال تعليق

 
Top