GuidePedia

0
bhit shah tajwzat ke khilaf karwai online sindhi news
سول ڪورٽ جي حڪم تي  ايس ڊي ايم  هالا ملڪ اڪرام ۽ ڀٽ شاهه ٽائون آفيسر باقر بروهي جي اڳواڻي ۾ ناجائز حد دخلين خلاف آپريشن

تفصيل موجب ؛.سول ڪورٽ جي حڪم تي  ايس ڊي ايم  هالا ملڪ اڪرام ۽ ڀٽ شاهه ٽائون آفيسر باقر بروهي جي اڳواڻي ۾ ناجائز حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو  شهر جي دنبورا چوڪ ، درگاهه چاڙهي ۽ ٻين هنڌن تي پوليس ۽ ٽائون عملي گڏيل طور تي ڪارروائي ڪري غير قانوني طور تي قائم ڪيل ڇپرا ۽ ناجائز اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون ۽ ڪيترائي غيرقانوني طور پيل ريڙها ۽ گاڏا پوليس موبائلن ۾ کڻايا ويا ۽ ڪرينن جي مدد سان غير قانوني قائم ڪيل ڇپرا پڻ ڊاهي پٽ ڪيا ويا ، ان موقعي تي اي سي هالا ملڪ اڪرام جو چوڻ هو تـ ڪيترائي ڀيرا ناجائز قبضا ۽ حد دخليون ڪندڙن کي وارننگ ڏني مگر انهن جي ڪن تي ڪا جون ءَ بـ چري اڄ مجبور ٿي ڪرينن جي مدد سان ڪارروائي ڪئي آهي هنن چيو تـ اڄ پهريون ڏينهن هو ان جي ڪري دنبورا چوڪ ۽ درگاهه چاڙهي سميت ڪجهه علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي آهي هاڻي شاهي بازار سميت ٽنڊو آدم روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ قائم ڪيل ناجائز حددخلين خلاف بـ ڪارروائي ڪري اتي غير قانوني حددخليون ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون وينديون ، هنن چيو تـ قبضا خورن خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي ،، 

إرسال تعليق

 
Top