GuidePedia

0
هالارپورٽ : عبدالغفور ميمڻ

هالا ويجهو ڳوٺ غلام حيدر نظاماڻي ۾ سنڌ جي سگهڙ تنظيم سلات جي سرپرست اعلى فقير علي ڏنو نظاماڻي طرفان سگهر ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ سگهڙن محمد حسن چهواڻ، عاجز رحمت الله لاشاري، قادربخش لغاري، ميهار لغاري، منٺار ٻگهيو، گهرام جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪري ڪچهري ۾ ڏور  بيت ۽ سينگار پيش ڪيا، جڏهن ته ڪچهري ۾ سنڌ جي بهترين صوفي راڳين فقير غلام حسين، غلام عباس، فقير پيرمحمد، مست علي فقير گجو ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظآهرو ڪندي ڪچهري ۾ صوفي ڪلام ڳائي ڪچهري کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي سگهڙ تنظيم سلات سنڌ جي سرپرست اعلى فقير علي ڏنو نظاماڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سگهڙن ۽ صوفي فنڪارن جو وڏو انگ موجود آهي پر انهن جي انتظاميه جي طرفان پرگهور نه لهڻ سبب اسان صوفي فنڪار ۽ سگهڙ ڏينهون ڏينهن مايوس ٿي پنهنجي فن کان پاسيرا ٿيندا ٿا وڃن، هن چيو ته ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جي قيام کي چار سال مڪمل ٿي ويا آهن ۽ صوفي يونيورسٽي جي پهرين وائيس چانسلر به مقرر ڪئي وئي آهي پر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته جيڪا صوفي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مقرر ڪئي وئي آهي ان جو صوفي ازم سان پري پري تائين ڪوبه واسطو نه آهي، جنهن کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، سامي ۽ ٻين صوفي بزرگن جا شعر پڙهڻ به نه اچن اهو صوفي يونيورسٽي کي ڪيئن هلائيندو ۽ صوفي يونيورسٽي جي شاگردن کي صوفي ازم جي ڪهڙي تعليم ڏيندو، هن چيو ته سنڌ ۾ کوڙ سارا اهڙا ماڻهو موجود آهن جي کي بزرگن، اوليائن ۽ صوفي ازم جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي ۽ اسين اهو مطالبو ٿا ڪريون ته صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر جي سيٽ تي ڪنهن اهل ماڻهو کي مقرر ڪيو وڃي جنهن کي صوفي ازم جي مڪمل ڄاڻ هجي ته جيئن هو ايندڙ نسل کي صوفي ازم جي باري ۾ سٺي نموني ڄاڻ ڏئي سگهي.

إرسال تعليق

 
Top