GuidePedia

0

ڀٽ شاهه ؛ رپورٽ؛امتياز احمد ابڙو
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڀٽ شاهه ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاررائي نـ ٿي ، ڇاپا مار ٽيم بنا ڪنهن ڪارروائي جي واپس رواني ڀٽ شاهه ۾ اي سي هالا ۽ فوڪل پرسن جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا، مقرر ڪيل  ٽيم عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۽ غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ، نالي ماتر 2 غير قانوني ميڊيڪل اسٽور ۽ 2 جعلي ڪلينڪون سيل ڪري واپس روانا ٿي ويا ، بااثر عطائي  ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن خلاف ڇاپا مار ٽيم ڪا ڪارروائي نـ ڪئي ، غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جون جعلي ڪلينڪون جيئن جو تيئن کليل ، ڀٽ شاهه جي شهرين ۽ سڃاڻ ڌرين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ، سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ،،
 خبر موجب ؛ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تحت سموري ملڪ اندر عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون جاري آهن مگر لطيف جي نگري ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ابتڙ عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ۽ غير قانوني ميڊيڪل اسٽور سر عام کليل آهن ، عطائي ڊاڪٽرن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مقرر ڪيل ڇاپا مار ٽيم جي فوڪل پرسن عبدالرزاق ميمڻ ۽ اي سي هالا ملڪ اڪرام جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه ۾ ڇاپا هنيا ويا مگر ڇاپا مار ٽيم سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ ۽ عطائي ڊاڪٽررن ۽ غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪا خاص ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي واپس ٿي وئي ، ڇاپا مار ٽيم شهر جي 50 کان مٿي عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن مان فقط نالي ماتر ٻن عطائي ڊاڪٽرن صادق وساڻ ،غلام نبي ميمڻ جون جعلي ڪلينڪون ۽ ٻن غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن رميش لعل ۽ راشد علي جي اسٽورن کي بند ڪرايو آهي ،جڏهن تـ ٻين بااثر ۽ من پسند عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪا بـ ڪارروائي نـ ٿي سگهي آهي ،ڇاپا مار ٽيم فوٽوسيشن بعد واپس رواني ٿي وئي ۽ بعد ۾غير قانوني ڪلينڪون ۽ بنا لائسنس جي ميڊيڪل اسٽور ٻيهر سر عام کلي ويا ٻـ نمبر دوائن جو وڪرو بـ جاري ٿي ويو ،ڀٽ شاهه جي سڃاڻ ڌرين ۽ شهرين ڪامورن جي اهڙي نااهلي ۽ ڇاپا مار ٽيم جي ناڪامي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ، اڳواڻن چيو تـ عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف آيل ڇاپا مار ٽيم ناڪام واپس رواني ٿي وئي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نـ ٿي سگهيو آهي هنن چيو تـ اسان جو سپريم ڪورٽ سميت وزير اعلا سنڌ ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير کان پرزور مطالبو آهي تـ بنا ڪنهن فرق جي سڀني عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪري غير قانوني ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروائي عوام جون زندگيون تباهه ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ، 

إرسال تعليق

 
Top