GuidePedia

0

خيرپور: خيرپور ۾ 40 مهينن جي پگهارن کان محروم 314 ادر ڪيڊر استادن جي سيشن ڪورٽ روڊ تي 168 هين ڏينهن به بک هڙتال ۽ احتجاج جاري آهي. خيرپور ضلعي جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ سنڌي، عربي، ڊرائنگ، ايگريڪلچر ۽ ٻين ڪيڊرن تحت ڀرتي ٿيل 314 ادر ڪيڊر استادن ۽ استادياڻين طرفان شوڪت منگي، برڪت چنا، نعيم الله آزاد، غلام قاسم فاروقي، مير خان جويو، بلقيس زهرا، حسنين فاطمه ۽ ٻين 168 هين ڏينهن به سيشن ڪورٽ روڊ تي بک هڙتال جاري رکي، بک هڙتالي ڪئمپ تي اڄ استادن طرفان قرآن خواني ڪرائي وئي جنهن ۾ استادن وڏي انگ ۾ پاڪ ڪتاب جو ختم پڙهي آخر ۾ پگهارن جي حاصلات لاءِ احتجاج بجاءِ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پگهارن جي جاري ٿيڻ ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ لاءِ اجتماعي دعا گهري. ان موقعي تي استادن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن پگهارون جاري نه ٿيون ته پهرئين مئي مزدورن واري عالمي ڏينهن تي هڙتالي ڪئمپ کان مارچ ڪري هڪ دفعو ٻيهر وڏي وزير جي خيرپور واري گهر آڏو پر امن ڌرڻو هنيو ويندو

إرسال تعليق

 
Top