GuidePedia

0
Sindhi News Online

ڀٽ شاهه ؛ رپورٽ ؛امتيازاحمد ابڙو                                                                 
ايس ايس پي مٽياري جي حڪم تي ڀٽ شاهه سميت سموري ضلعي اندر پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ،،2 روپوش جوابدار ۽ 3 منشيات فروش گرفتار ،هڪ عدد رپيٽر ، هڪ پسٽل ،گوليون ، 20 لٽر شراب ،مين پڙيون ، گٽڪو ۽ ٻيون نشي آور شيون برآمد ، ايس ايڇ او ڀٽ شاهه جي اڳواڻي پوليس جو شهر اندر سرچ آپريشن ، منشيات فروشن ۾ ٿرٿلو ، دنبورا چوڪ ڀرسان دوڪاندار نشي آور شين جي پيڪٽن  سميت گرفتار ، خبر موجب ؛ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال جي سخت هدايتن بعد سموري ضلعي اندر پوليس جو منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ، پوليس ڪارروائي ڪندي سعيد آباد ويجهو مور ميمڻ کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان 200 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو آهي ، جڏهن تـ هڪ ٻي ڪارروائي دوران پوليس روپوش جوابدار نثار جمالي کي گرفتار ڪري ان کان پسٽل پڻ هٿ ڪري ورتو آهي ، شاهپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس خفيا اطلاع تي ڪارروائي ڪندي اشتهاري جوابدار وارث مري کي گرفتار ڪري ان وٽان هڪ رپيٽر ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن ، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ، ٻي پاسي ڀٽ شاهه پوليس ايس ايڇ او محمد حنيف مهر جي اڳواڻي ۾ شهر اندر منشيات فروشن خلاف آپريشن ڪري واپاري ليار مل جي پٽ راجو کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ مين پڙي ، 2100 ۽ گٽڪو هٿ ڪري ورتو ، جڏهن تـ پوليس مختلف ڪئبنن تان نشي آور شيون برآمد ڪري ڪئبنون بند ڪرائي ڇڏيون پوليس جي ڪارروائي دوران شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ ڪئبنن وارا پنهنجون ڪئبنون ڇڏي فرار ٿي ويا ، ايس ايڇ او محمد حنيف مهر صحافين کي ٻڌايو تـ ڪنهن بـ منشيات فروش کي بخش نـ ڪيو ويندو ، هن چيو تـ اسان جي شهر جي ماڻهن ۽ صحافي برادري کان گذارش آهي تـ اهي منشيات فروشن ۽ سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين ۾ پوليس جو ساٿ ڏين تـ جيئن شهر مان سماجي براين ۽ منشيات جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ،        

إرسال تعليق

 
Top