GuidePedia

0
bhit shah ,hyd ji adalat me pasand jo parno kandarr jorro     farooq baloch & farha bhuto tahfuz ji apeal kande photo...

ڀٽ شاهه ؛ رپورٽ ؛امتيازاحمد ابڙو  
حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران اعلا اختيارين تحفظ ڏيڻ جو  مطالبو ، مائٽن مان جاني خطرو آهي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پسند جو پرڻو ڪندڙ فاروق بلوچ ۽ فرحا ڀٽو ،،مائٽن وڏي عمر واري شخص سان شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي گهرکان ٽن ڪپڙن مان نڪري حيدرآباد ۾ عدالتي پرڻو ڪيو آهي فرحا ڀٽو ،، شادي بعد موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن سلمان ڀٽو ، شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين مان جاني خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي فاروق دستي ،، خبر موجب ؛ جيڪب آباد جي رهواسي فاروق احمد دستي بلوچ لاڙڪاڻي جي فرحا ڀٽو سان حيدرآباد جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي ،28 ورهين جي نوجوان فاروق احمد پنهنجي گهرواري فرحا ڀٽو سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ اسان پنهنجي رضا خوشي سان گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي هن چيو تـ اسين گذريل پنجن سالن کان هڪٻئي سان پيار ڪندا آهيون ، فرحا ڀٽو جي گهروارن کان رشتي جي گهر بـ ڪيوسين مگر انهن رشتي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، جيڪي هن وقت فرحا ڀٽو جي شادي هڪ وڏي عمر جي شخص سان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تـ اسين گهران نڪري حيدرآباد پهتاسين ۽ عدالت ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو سين ، هن چيو تـ اسين گهر کان 3 ڏينهن اڳ ۾ نڪتا سين ۽ منهنجي گهرواري لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکي ٿي ، هن چيو تـ اسان جي شادي ۾ فرحا ڀٽو جي ڀاءُ سلمان ڀٽو ، سئوٽ شاهنواز ڀٽو ۽ ٻيا مائٽ راضي نـ آهن  انهن مان اسان کي جاني خطرو آهي  ،جيڪي  اسان کي هن وقت بـ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ، اسان ڪنهن جو ڏوهه نا ڪيو آهي پنهنجي رضاخوشي سان شادي ڪئي آهي ، ان موقعي تي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عورت فرحا ڀٽو جو چوڻ هو تـ آئون لاڙڪاڻي جي جناح باغ جي رهواسڻ آهيان ۽ منهنجي مڙس فاروق بلوچ جو تعلق جيڪب آباد سان آهي اسين ٽن ڪپڙن ۾ پنهنجي گهران نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ٿي نڪاح ڪيو آهي ، هن چيو تـ شادي کان پوءِ منهنجا ڀائر سلمان ڀٽو ۽ سئوٽ شاهنواز ڀٽو سميت برادري جا ماڻهو ناخوش آهن ، مگر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا تـ اسان رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي مان هاڻي پنهنجي مڙس فاروق بلوچ سان پنهنجي زندگي گذارڻ چاهيان ٿي هن چيو تـ منهنجا مائٽ منهنجي شادي هڪ وڏي عمر واري شخص سان ڪرائڻ جي  ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن بعد آئون گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري 3 ڏينهن اڳ ۾ حيدرآباد جي عدالت ۾ فاروق سان شادي ڪئي آهي ، هن چيو تـ مان هن وقت پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي ،  اسان کي هن وقت منهنجي ڀاءُ سلمان ڀٽو ،سئوٽ شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين مان جاني خطرو آهي ، ان لاءِ اسان جو  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، وزير اعلا سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان پرزور مطالبو آهي تـ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ ڏني وڃي ڇو تـ اسان پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي ڪو ڏوهه تـ ناهي ڪيو ،اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو حق آهي ، اسان کي موتمار ڌمڪين جو نوٽيس وٺي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ،  

إرسال تعليق

 
Top