GuidePedia

0

هالا رپورٽ ؛. عبدالغفور ميمڻ
مخدوم هائوس هالا پاران ضلعي ڪائونسل جو اميدوار مخدوم فخرالزامان ئي آهي مخدوم جميل الزمان  ڪڏهن به سيد جلال شاهه ڄاموٽ کي ضلعي جي ڪائونسل لاءِ نامزد ناهي ڪيو ڪجهه صحافين جي مخدوم جميل جي مٽياري ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ٽوري مڙوري  شايع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي سروري تنظيم جي روحاني پيشوا اڳواڻ  مخدوم جميل الزمان ايم پي اي مٽياري ڊاڪٽر محمد رفيق الزامان سميت مخدوم هائوس جي سمورن فردن پاران  ڪيل اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل لاءِ  مخدوم فخر الزامان کي ئي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي اهڙن خيالن جو اظهار  ايم اين اي مٽياري  مخدوم هائوس هالا ۾ ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي نئي چونڊيل بادي جي عهديدارن سان ملاقات دوران هن چيو ته ضلعي مٽياري پي پي ۽ مخدوم هائوس هتي جي عوام هميشه مخدوم هائوس جو ساٿ ڏنو آهي ضلعي جي هڪ ايم اين اي ٻه ايم پي اي  سميت ضلعي جي سمورن يونين ڪائونسل جي  مخدوم هائوس جا نامزد اميدوار هميشه ڪامياب ٿيا آهن سيد جلال شاهه ڄاموٽ به اسان جو پنهنجو آهي هتان جي عوام ۽ مخدوم هائوس هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن . سنڌ گوريمنٽ سان ناراضگيءِ واري  پچيل سوال جي جواب مخدوم سعيد الزمان چيو ته وزير اعلي سنڌ پاران مخدوم جميل الزمان سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ ان پاران جوڙيل ڪميٽي آڏو ضلعي مٽياري جي مسئلن متعلق آگاهي ڏني وئي آهي جنهن تي وزير سنڌ کين ضلعي مٽياري مسئلن جي حل جو يقين پڻ ڏياريو آهي پاناما ليڪس متلعق پچيل  سوال جي جواب ۾ مخدوم سعيدالزمان چيو ته اهو ڪو وڏو مسئلو نه آهي ان مسئلي کان وڌيڪ ملڪ ۾ عوام ڪيترائي مسئلا آهن جن جي حل لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي ساڻس گڏ سروري  تنظيم هالا جو صدر ۽ هالا پريس ڪلب جو سرپرست اعلي محمد بچل مغل ، سيد محمد علي شاهه اجناڻي ، زوار فقير حسين جعفري ، حاجي حسين سنائي ، سميت ڀٽ شاهه پريس ڪلب جو صدر گل حسن راجپوت ۽ ان جو وفد پڻ موجود هو ٻئي طرف مخدوم سعيدالزمان پاران مخدوم فخر الزمان کي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين نامزد ڪرڻ تي پي پي پي ڀٽ شاهه جي صدر غلام رسول ملاح پاران ڀٽ شاهه پريس ڪلب پهچي سڀني صحافين کي اجرڪون اڌايون ۽ مٽايون ورهايون


إرسال تعليق

 
Top