GuidePedia

0
Jacobabad 17-04-2016 late MPA Sardar Muqeem khan khoso life pic
جيڪب آباد پي پي پي ايم پي اي کوسو برادري جو سردار محمد مقيم خان کوسو گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سردار مقيم خان کوسو جو مڙهه ڪراچي مان جيڪب آباد لاءِ روانو ڪيو ويو جنهن جي نماز جنازه شام 5 وڳي ڳوٺ قادر پور ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ياد رهي ته سردار مقيم خان کوسو پنهنجي زندگي ٻه هفتا پنهنجي ٻين نمبر پٽ سخي عبدالرزاق کوسو کي قوم جو سردار مقرر ڪري ڇڏيو، سردار مقيم خان کوسو 1988 ۾ پ پ جي ٽيڪيٽ تي اين اي 208 جيڪب آباد مان ايم اين اي چونڊيو ويو هو، جڏهن ته ارباب رحيم دور حڪومت ۾ هن پنهنجي وفاداري مٽائي ۽ صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد 2007 ۾ هو ٻيهر محترم بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيو 2013 جي چونڊن ۾ جيڪب آباد جي پي ايس 14 جيڪب آباد مان ايم پي اي چونڊيو ويو، اڳوڻي نگران وزير اعظم محمد ميان سومرو، ايم اين اي اعجاز خان جکراڻي، صوبائي وزير ممتاز خان جکراڻي پاران سردار مقيم خان کوسو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي  

إرسال تعليق

 
Top