GuidePedia

0
Hala=5 Roz Bad Darya Sy Fotee Bachy Zeshan Ki PIC

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

ڀاڻوٺ لڳ درياءَ ۾ ٻڏي ويل 10 سالا معصوم نينگر ذيشان ڪرڙ جو لاش پنجين ڏينهن هالا پراڻه بچاءَ بند لڳ دريا ۾ تري نڪرڻ بعد اتي موجود مهاڻن پاران دريا ۾ ترندڙ معصوم نينگر جي لاش کي فوري طور  دريامان ڪڍي ڀاڻوٺ جي رهندڙمعصوم نينگر جي وارثن کي سندن نينگر جي لاش هٿ اچڻ جو اطلاع ڪيو.نهن جي اطلاع تي ٻڏي فوت ٿي ويل نينگر جي وارثن هالا پراڻه پهچي فوتي نينگر جو لاّش پاڻ سان گڏ سندن اباڻي ڳوٺ ڀاڻوٺ کڻائي ويا  فوتي نينگر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد دريا ۾ ٻڏي فوت ٿيل نينگر ذيشان ڪرڙ کي مٽيءَ ماءٌ حوالي ڪيو ويو.ان کان اڳ فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو۽ ماءُ،ڀينرون ۽ ٻيا رشتيدار ان معصوم نينگر جي لاش کي چنبڙي زارو قطار روئيندا رهيا جنهن سبب اٽي موجود ڳوٺاڻي جي اک آلي نظر اڄڻ لڳي.

إرسال تعليق

 
Top