GuidePedia

0
Hala=Board Ki Teem Imtihani Center Ka Dora Kerty
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

هالا سميت ضلعي ڀر ۾ انٽرميڊيئٽ جا سال 2016.17 جا سالانا امتحان شروع ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ هالا ۾ موجود بوائز ۽ گرلس ڪاليجن ۾ قائم امتحاني سينٽرن تي شاگردن کي سهوليت ڏيڻ لاءَ قائم ڪيل ٻنهي سينٽرن تي بجلي جي لوڊشيڊنگ هجڻ تي جرنيٽرن ۽ ٿڏي پاڻي جي مهيا لاءَ خاض قدم کنيا ويا آهن.جڏهن ته مقرر امتحاني سينٽرن جي قريب فوٽو ڪاپي جي مشينن کي بند ڪرايوويو آهي جڏهن ته انهن سينٽرن جي ٻاهرين گيٽن تي ضلعي پوليس انتظاميه پاران پوليس جوان مقرر ڪري چڏي آهن.سروري اسلاميه بوائز ڊگري ڪاليج ۾ مذڪوره امتحاني سينٽر تي مقرر ٻن ايڪسٽرنلن جن ۾ هرهڪ آفتاب احمد خاصخيلي،ساجد علي ڪوڪر ۽انٽرنل محمد بخش ڪيريو جي سپرويزن ۾ هلندڙامتحاني سينٽرن ۾ شاگردن سان بهترين لڳا سبب مذڪوره سينٽر تي ڪجهه خامين جي هجٻ تي انهن تعليم آفيسرن پاران فوري ڪنٽرول ڪري شاگردن کي پنهنجا پيپر ڏيڻ جو موقعو ڏنوپيو وڃي.جڏهن ته مذڪوره سينٽرن تي ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءَ پڻ سخت انتظام ڪندي امتحاني سينٽر ۾ داخل ٿيندڙ هر شاگرد جي مڪمل چڪاس،۽ موبائيل فون پاڻ وٽ جمع ڪئي ويندي آهي جڏهن ته ڪنهن به آئوٽ سائيڊر ماڻهو کي پيپر هلڻ دوران اندر ويهڻ کان پڻ روڪيو ويوآهي امن رکڻ لاءَ پوليس جي وڏي نفري سينٽر جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪئي ويئي آهي.

إرسال تعليق

 
Top