GuidePedia

0
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حيدرآباد جي اڳواڻ واحد بخش سنگراسي تي پوليس تشدد خلاف احتجاج  
 هالا (رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حيدرآباد جي اڳواڻ واحد بخش سنگراسي کي عمرڪوٽ پوليس پاران اي ٽي سي ڪورٽ مان کنڀي ٽنگن ۾ گوليون هڻڻ خلاف ايس يو پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شڪورناز خاصخيلي، وزير علي سنگراسي، راجڪمار، لال بخش سنگراسي ۽ حاڪم علي عمراڻي جي اڳواڻي ۾ کنڊو روڊ اسٽاپ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن عمرڪوٽ پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته عمرڪوٽ پوليس جي ڊي ايس پي علڻ عباسي، ايس ايڇ او عبدالغفور ڪورائي وڏيرن ۽ رياستي ادارن جي چوڻ تي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ايس يو پي اڳواڻ واحد بخش سنگراسي کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ سرعام زبردستي کنڀي کڻي ويا ۽ کيس عمرڪوٽ جي غلام نبي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ بنا ڪنهن ڏوهه جي گوليون هڻي کيس مرڻينگ ڪري مٿائنس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ، هنن چيو ته رياستي ادارن جي چوڻ تي اسان جي قومي ڪارڪنن جي خلاف اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن پر اسان اهڙين ڪاررواين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون ، اڳواڻن واحد بخش سنگراسي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي فوري طور تي معطل ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪري کين سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ هنن اي ٽي سي ڪورٽ جي جج، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي تحقيقات ڪرائي واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قومي ڪارڪنن سان ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ عمرڪوٽ پوليس جي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top