GuidePedia

0
Hala=Lqman Korejo K Rahaishi Soi Gass Offiece Samny Dherna  Dety.

هالا (رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)

ڳوٺ لقمان ڪوريجا جي گذريل پندرنهن ڏينهن کان گيس سپلائي بند ٿيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن سئي گئس آفيس هالا جي اڳيان عبدالشفيق ڪوريجو، ممتاز علي ڪوريجو، ثناء الله ڪوريجو، عطاء الرحمان ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين سئي گئس انتظاميه جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳوٺ لقمان ڪوريجا جي بجلي ڪٽيل آهي جڏهن ته گئس انتظاميه پڻ بلاجواز سندن ڳوٺ جي گئس سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب سموري ڳوٺ جا رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن ٻڌايو ته ڳوٺ لقمان ڪوريجا ۾ 235 گئس جا ميٽر لڳل آهن جن مان 200 گئس جي ميٽرن جا بل جمع ٿيل آهن ۽ سئي گئس جي ڪابه بقايه ڳوٺ وارن ڏانهن ڪونه آهي ان جي باوجود اسان جي ڳوٺ جي گئس سپلاءِ بند ڪري ڳوٺاڻن کي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سئي گئس جي زونل انچارج زين العابدين ٻن ڏينهن جي اندر مسئلي کي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر هن به واعدو وفا نه ڪيو، ڳوٺاڻن سئي گئس آفيس جي اڳيان ڌرڻو هڻي سئي گئس انتظاميه جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ جي گئس سپلاءِ فوري طور تي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top