GuidePedia

0
   ٺٽو جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين ۽ سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي شفيع محمد ڪرناڻي کي مڪلي لڳ نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو . خبر موجب سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي چيئرمين شفيع محمد ڪرناڻي موٽر سائڪل تي سوار ٿي مڪلي طرف اچي رهيو هو ته ٺٽو مڪلي باءِ پاس روڊ تي موٽرسائڪل تي سوار نامعلوم هٿيار بندن اچانڪ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري هو پٽ تي ڪري پيو ان موقعي تي زخمي شفيع محمد ڪرناڻي کي پوليس موبائل ذريعي سول اسپتال مڪلي آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اهڙو اطلاع ملندي ئي ايم پي اي اعجاز شاھ شيرازي، قومي ڪارڪنن ، برادري جا ماڻهو ۽ شهري وڏي انگ ۾ سول اسپتال پهچي ويا ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو فوتي جي ڀاءَ انور ڪرناڻي صحافين کي ٻڌايو ته موٽر سائڪل تي سوار ٻن هٿيار بندن ٽي چار فائر ڪري اسان جي ڀاءَ کي شهيد ڪيو آهي حقيقت معلوم ڪرڻ بعد لاءِ عمل جوڙيو ويندو . واضع رهي ته مرحوم سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ موجوده وقت جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي چيئرمين پڻ هو. هوڏانهن جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ قمر ڀٽي دودو ديشي رشيد جتوئي شبير جمالي ۽ جسم وائس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي ۽ ٻين پاران واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي

إرسال تعليق

 
Top