GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
اقوام متحده ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير محمد حسين هارون ميمڻ مٽياري ۾ آل سنڌ ميمڻ اتحاد جي صدر حاجي عبدالرزاق ميمڻ سان جگنو سي اين جي پمپ تي ملاقات دوران روزانه  جي عيوضي عبدالغفورميمڻ سان خصوصي گفتگو



گفتگو ڪندي هن چيوته حڪمرانن پاران پاناما تي جوڊيشنل انڪوائري ٽيم جوڙي انجي تحقيقات ڪرڻ واري اعلان تي تعجب آهي پاڪستان ۾ حڪمرانن پاران صرف تحقيقات جي نالن تي ٽيمون جوڙيون وينديون آهن مگر اڄ تائين ڪابه تحقيقات مڪمل ناهي ٿي سگهي ۽ نه وري ڪنهن تحقيقات تي ڪنهن کي ڪابه سزا ناهي ملي ان لا ءَ اهي تحقيقاتون صرف تحقيقات تائين رهجي وينديون آهن،دنياجي ٻاهرين ملڪن جي حڪمرانن پاڻ تي الزام لڳجڻ تي پاڻ عهدن تان استيعيفائون ڏيئي هلايا ويندا آهن مگر پاڪستان جا حڪمران اقتدار سان چنبڙندي انهن جون ترديدون ڪرڻ ۾ لڳجي ويندا آهن.گرينڊ الائنس جي متعلق هن چيو ته انجو مقصد سنڌ جي عوام جي مسئلن جي لاءَآواز اٿارڻ هو ۽ ان جي پهرين ملاقات ۾ هن تجويز ڏيندي سنڌ۾ امن جي لاءَ جدوجهد ڪرڻ هو ۽ سنڌ۾ راءَ ۽ مردم شماري هو مگر ان ۾موجود ڪجهه شخصيتن جو مقصد صرف پي پي ۽ آصف زرداري مخالف ٽاسڪ هوجنهن سبب انجو زياده پائيدار رهڻ مشڪل نظراچي رهيو آهي ۽سنڌ۾ راءَ ۽ مردمشماري صحيص نموني ڪرائي وڇي ته سنڌ جي عوام کي پنهنجا سمورا حق ملي سگهندا.حسين هارون چيو ته پاڪستان 75جي ملين ڊالر قرض جي تحقيق ۽ جانچ ڪئي وڃي ته ان مان سنڌ کي ٽڪي جو به حصوناهي  مليو آهي ۽ جيڪڏهن سڀاڻي ان قرض جي واپسي ڪئي وڃي ته ان لاءَ ٿيڻ ائين گهرجي ته اهو قرض جنهن به صوبي استعمال ڪيو هجي انکان ئي واپس ڪرايو وڃي .۽ ائين هرگز نه ڪيو وڃي ته اهو قرض سنڌ،بلوچستان ۽ ٻين علائقن کان ڪرايو وڃي.پيپلزپارٽي جي متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ هن پنهنجي ذاتي راءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ هاڻي هڪ هنڌ قائم نه ٿي رهي سگهي هاڻي يا پ پ رهندي يا وري سنڌ ان ۾ هڪ ترميم ڪندي چيو ته پ پ ۾ هاني ذوالفقار علي ڀٽو ،سندس نياڻي بينظير۽ پٽ مرتضي ناهي رهيو مگر پارٽي وارا انهن کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهن چاڪاڻ موجوده پارٽي اڳواڻن پارٽي کي ايترو ته ڪمزور ڪري چڏيو آهي جو سنڌ جي عوام کي حڪمران ذاتي خرچن ۽ کين مڪمل آرائشون ڏيندي کين انهن شهيدن جي ڏهاڙن جن ۾ شالگراهن ِا ورسين ۾ شرڪت لاءَ زبردستي کين وٺي هلندا آهن.انجو مثال تازو ورسي تقريب لاءَ 28 ڪروڙ روپيه حڪومتي خزاني مان ڪڍيا ويا هن ڇيو ته اگر اها رقم مٽياري جي واٽر سپلاءَ تي خرچ ڪئي وڃي هاته مٽياري جو عوام انهن کي دعائون ڏيي ها.مڪاني اداربن جي بحالي متعلق پچيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران مڪاني ادارن جي بحالي ۾ ليٽ ڪرڻ ۽ ان متعلق سپريم ڪورٽ ۾ وچڻ جو  سبب صرف سنڌ حڪومت پاران مڪاني ادارن جي بجيت هڙپ ڪرڻ جڏهن ته نئين سال جي بجيٽ اچڻ لاءَ ان ۾ هٿرادو ليٽ ڪرڻ آهي ان موقعي تي ساڻس گڏ اويس ميمڻ سميت ميمڻ اتحاد سنڏ جا اڳواڻ پڻ موجود هئا .

إرسال تعليق

 
Top