ڀٽ
شاهه رپورٽ ؛. امتياز احمد ابڙو
پيپلزپارٽي
کي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ئي ڀورا ڀورا ٿي ويندا ، مخدوم هائوس جو عوام سان
قائم ڪيل رشتو هميشا قائم ۽ دائم رهندو ، مخدوم فخرالزمان ،، پيپلزپارٽي ۽ مخدوم هائوس جو ساٿ هميشا
برقراررهندو ،بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جو ليڊر آهي ۽ مستقبل جو وزير اعظم آهي ، مٽياري
ضلعي جي چيئرمين شپ ملڻ بعد سڀني علائقن ۾ برابري جي بنياد تي ترقياتي ڪمن جو ڄار
وڇايو ويندو ، عوام جي تڪليفن ۽ اهنجن کان واقف آهيان ، سموري ضلعي اندر هلي رهيو
آهي انشاءَ الله عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس ، ڪير بـ اسان جو مخالف
نـ آهي سڀ اسان جا پنهنجا آهن سياست خدمت ڪرڻ جو نالو آهي مٽياري ضلعي جي چيئرمين
شپ جي اميدوار مخدوم فخرالزمان جون ڀٽ شاهه ۾ مختلف برادرين سان تعزيت ڪرڻ وقت ميڊيا
سان ڳالهيون ،، خبر موجب ـ پيپلزپارٽي طرفان مٽياري ضلعي لاءِ چيئرمين جو اميدوار
مخدوم فخرالزمان ڀٽ شاهه پهچي ملاح برادري جي اڳواڻ حاجي غلام رسول ملاح سان سس جي
وفات ۽ چوهاڻ برادري جي اڳواڻ غلام شبير چوهاڻ سان ڌيءَ جي وفات تي تعزيت ڪئي ، ان
موقعي تي فقير حسين علي جعفري ، غلام اڪبر ڀٽو ، رجب بوزدار ، نثار ساگر ، فاروق
نوحپوٽو ، گل حسن راجپوت ،غلام اڪبر ملاح ،ذوالفقار سومرو ، اعظم چوهاڻ۽ ٻيا پڻ
موجود هئا ،تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي مخدوم فخرالزمان چيو تـ سياست
عبادت جو نالو آهي ، هميشا عوام جي خدمت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ، هن چيو تـ مخدوم
هائوس جو عوام سان قائم ڪيل رشتو هميشا قائم ۽ دائم رهندو تيئن ئي پيپلزپارٽي ۽
مخدوم هائوس جو ساٿ بـ سدائين برقرار هوندو ، پيپلزپارٽي کي ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ
جا خواب ڏسندڙ پاڻ ئي ڀورا ڀورا ٿي ويندا ، هن چيو تـ بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي
ليڊر آهي ۽ مستقبل جو وزير اعظم آهي بلاول ڀٽو زرداري ۾ شهيد راڻي محترمـ بينظير ڀٽو
وانگر ليڊر شپ جون خوبيون موجود آهن ، مخدوم فخرالزمان چيو تـ مٽياري ضلعي جي سڀني
ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هلي رهيو آهي عوام جي مسئلن کان واقف آهيان ، ضلعي جي چيئرمين شپ ملڻ
بعد سموري ضلعي بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ برابري جي بنياد
تي ڪم ٿيندا ، هن چيو تـ ڪير بـ اسان جو مخالف نـ آهي سڀ اسان جا پنهنجا آهن جن
اسان جو ساٿ ڏنو انهن کي ڪڏهن بـ وساري نٿو سگهجي ، ڀٽ شاهه جي مسئلن جي حل لاءِ
ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي ، مسئلا تمام گهڻا
آهن هڪ هڪ مسئلو ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو اسان کي سڀني مسئلن جو احساس آهي ، روڊن
رستن ، ڊرينيج ، صاف پاڻي اهم بنيادي مسئلا حل آهن جيڪي فوري طور تي حل ٿيڻ گهرجن
، اسان ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ، هن چيو تـ مٽياري ضلعي جو چيئرمين پي پي
جو ئي ٿيندو جنهن لاءِ آئون پاڻ بـ اميدوار آهيان ۽ ٻيا بـ اميدوار آهن مگر پارٽي
جيڪو فيصلو ڪري ، هن چيو تـ خدمت جو موقعو مليو تـ ڀرپور خدمت جي ڪوشش ڪئي ويندي ،
منهنجو عوام سان ناتو آهي هر ڏک ۽ سک ۾ عوام سان گڏ شريڪ ٿيڻ پسند ايندو آهي مٽياري
ضلعو پيپلزپارٽي ۽ مخدوم هائوس هائوس جو قلعو هو ۽ قلعو ئي رهندو ،
إرسال تعليق