ڀٽ
شاهه رپورٽ ؛. امتياز احمد ابڙو
ڀٽ
شاهه ۾ گئس انتظاميا شهر جي مختلف هنڌن تي 5 کان مٿي وڏا کڏا کوٽي گم ٿي ويا شهري
سخت پريشان ، نقصان جو خطرو ، گئس انتظاميا گئس جون پائيپ لائينون چيڪ ڪرڻ بهاني
لطيف ڪالوني ، پير محلي ، شيخ محلي ۽ ٻين علائقن ۾ روڊن توڙي گهرن جي اڳيان 5 کان
6 فٽ وڏا کڏ کوٽي غائب ٿي ويا آهن بار بار رابطي باوجود گئس جا عملدار ظاهر نـ ٿيا
پنجن ڏينهن کان کڏا کوٽيل آهن جاني ڪو بـ نقصان ٿيو تـ عملدار زميوار هوندا شهرين
جو چتاءُ ،، خبر موجب ـ ڀٽ شاهه ۾ گئس عملدارن جي نااهلي سبب شهر جي پنهنجن کان مٿي
جاين تي 5 کان 6 فٽ جا وڏا کوٽيل کڏا بند ٿي نـ سگهيا آهن ڪنهن بـ وقت جاني نقصان
جو خطرو موجود آهي ، گئس عملدارن شهر جي گئس پائيپ لائينن کي چيڪ ڪرڻ ۽ ٺاهڻ بهاني
لطيف ڪالوني ، شيخ محلي ، پير محلي ۽ ٻين هنڌن تي 5 کان وڌيڪ 5 يا 6 فٽ جا کڏا
گهرن جي اڳيان ۽ روڊن تي کوٽي گم ٿي ويا آهن جن کي 5 کان مٿي ڏينهن ٿي ويا آهن مگر
گئس عملدار واپس ظاهر ٿي نـ سگهيا آهن ، جنهن ڪري شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن ،
شهرين طرفان بار بار گئس آفيس ۾ نوٽ ڪرائڻ باوجود عملدارن جي ڪن تي ڪا جونءِ بـ نـ
چري سگهي آهي گئس انتظاميا جي نااهلي ۽ ناانصافي خلاف شهرين آزاد حسين بوزدار ،
اعظم چوهاڻ ، بابو چوهاڻ ، رحمدل مگسي ، عاشق کوسو ، شاهد حسين ، جاويد بوزدار ۽ ٻين
جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نااهل ڀٽ شاهه جي گئس عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي
اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ ڀٽ شاهه ۾ گئس جا عملدار بـ نااهلي ۾ گوءِ کڻي
ويا آهن هنن چيو تـ گذريل پنجن ڏينهن کان شهر ۾ گئس عملدارن وڏا وڏا کڏا لڳائي ڇڏيا
آهن ، مگر انهن جو ڪم مڪمل ڪرڻ بجائي عملدار پنجن ڏينهن کان غائب آهي هنن چيو تـ
گهرن آڏو کڏا کوٽڻ ۽ روڊن تي کڏا قائم ڪري شهرين کي سخت پريشان بڻايو ويو آهي وڏا
کڏا کوٽڻ سبب شهر جا گٽر نالا بـ بند ٿي ويا آهن ۽ گندو پاڻي روڊن تي اچڻ شروع ٿي
ويو آهي ،هنن چيو تـ آفيس ۾ بابار شڪايت نوٽ ڪرائڻ باوجود آفيس ۾ ويٺل نااهل
عملدارن جي ڪن تي ڪا جونءِ بـ نٿي چري ، هنن چيو تـ پنجن ڏينهن کان کڏا کوٽيل هئڻ ڪري
ايندڙ ويندڙ گاڏين کي سخت مسئلا پيش اچي رهيا آهن ۽ ڪو بـ معصوم ٻار بـ انهن ۾ ڪري
سگهي ٿو جنهن سان ڪو جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو پڻ آهي ، هنن چيو تـ اسان جو وفاقي
حڪومت سميت ٻين اعلا اختيارين کان پر زور مطالبو آهي تـ ڀٽ شاهه جي نااهل گئس
عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ پنجن ڏينهن کان عوام کي مشڪلاتن ۾ وجهندڙ کڏن کي
بند ڪرايو وڃي ، هنن اهو بـ چتاءُ ڏيندي چيو تـ جيڪڏهن ڪو بـ نقصان ٿيو تـ ان جي زميواري ڀٽ شاهه جي گئس
عملدارن مٿان هوندي ۽ انهن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويندا ،
إرسال تعليق