GuidePedia

0
bhit shah news SindhinewsOnline

ڀٽ شاهه؛ رپورٽ امتياز احمد ابڙو                                                                    
ڀٽ شاهه جي نگري ۾ هڪ دفعو ٻيهر بدامني جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو هڪ رات ڦر جون 4 وارداتون ، موٽر سائيڪل سوار ٽن ڦورن هٿيارن جي زور تي الله والا چوڪ ڀرسان ٽن سرڪاري عملدارن خالد انصاري ، دوست محمد جوڻو ، غلام نبي سومرو سميتراجا باگڙي کان 4 موبائل فونون ۽ هزارين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ، لطيف جي نگري ۾ هڪ دفعو ٻيهر بدامني ۾ اضافي بعد شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا شهرين ۾ خوف وحراس ڇانيل ، خبر موجب ؛ ڀٽ شاهه جي نگري ۾ وڏي عرصي کان امن بعد اوچتو بدامني جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو ، شهر جي مک ۽ اهم داخلي روڊ الله والا چوڪ تي ٽن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سانگهڙ ضلعي جي اڪائونٽ آفيسر خالد انصاري ، ويڪسينيٽر دوست محمد جوڻو ، ماستر غلام نبي سومرو کان موبائل فون سميت هزارين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ، جڏهن تـ ٿهيم چيڪ پوسٽ ڀرسان نامعلوم ٽن هٿياربند ن هڪ هاري راجا باگڙي کان موبائل ۽ 3000 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ، جڏهن تـ ٻي پاسي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي سيوهڻ ميلي مان ايندڙدرجنين زائرين جا جيب ڪترا کيسا ڪٽي ويا ۽ درگاهه جي احاطي ۾ رکيل ڪيترائي قيمتي سامان بـ چورائي ويا ، جنهن ڪري پانڌيئڙن کي سخت تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ، لطيف جي نگري ۾ اوچتو بدامني ۾ اضافي ٿيڻ بعد شهرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي ۽ شهرين ۾ خوف و حراس ڇانيل آهي ڀٽ شاهه جي شهرين ايس ايس پي مٽياري ۽ ڊي آ ءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي تـ ڀٽ شاهه جي نگري ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي نااهل پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي 

إرسال تعليق

 
Top