GuidePedia

0
Hala =I Ward Ko tala Laqa Howa

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)26مئي2016

تعلقه هيڊ ڪوارٽراسپتال هالا جو ڊائلاسز، يورولاجي سينٽر ۽ دل جو وارڊ بند ٿيڻ کان پوءِ هاڻ انتظامي لاپرواهي سبب اکين جو وارڊ به بند ٿي ويو، اکين جي وارڊ ۾ روزانو 70 کان 80 اکين جي مريضن جو مفت معائنو ڪيو ويندو آهي ۽ هر مهيني 40 کان 50 ماڻهن جي اکين جا مفت آپريشن ڪيا ويندا آهن، اکين جي وارڊ بند ٿيڻ کان پوءِ تعلقه اسپتال هالا ۾ پري پري کان اکين علاج لاءِ ايندڙ سوين مريض وارڊ بند هئڻ سبب مايوس ٿي موٽي وڃڻ لڳا ، اکين جي وارڊ ۾ مقرر ڪلارڪ، وارڊ بواءِ ۽ ٻيو  عملو پوليو جي ڊيوٽي تي روانا ٿي ويا ۽ اکين جو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر لطيف چنه وارڊ ۾ عملو نه هجڻ سبب مجبورن جبري موڪل تي روانو ٿي ويو، ، جڏهن ته اکين جي وارڊ جي گذريل هڪ هفتي کان صفائي نه ٿيڻ سبب وارڊ ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن جنهن سبب وارڊ ۾ موجود لکين رپين جون مشينون سليپ ليمپ، آٽورين، فيڪو مشين، مائڪرواسڪوپ ۽ ٻيون مشينون پڻ خراب ٿيڻ جو انديشو آهي، هالا جي سياسي سماجي ۽ ساڃاهه وند ڌرين جي اڳواڻن، ڪامريڊ شيرمحمد ڏاهري، سيد حاڪم علي شاهه، سردار اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو ۽ ٻين تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال هالا ۾ اکين جو وارڊ بند ٿيڻ جو ذميوار تعلقه اسپتال هالا جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد ميمڻ کي قرار ڏيندي چيو ته تعلقه اسپتال هالا کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي علاج لاءِ ايندڙ لکين رپين جون دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته اسپتال جي فنڊن ۾ پڻ لکين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، هنن اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل ايم ايس ڊاڪٽر محمد ميمڻ کي فوري طور تي هٽائي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ تعلقه اسپتال هالا جي ايم ايس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top