GuidePedia

0
bhit shah road hadsa online sindhi news

ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالرجي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻـ ڄڻا فوت ،ٽرالر ڊرائيور فرار  پوليس ٽرالر کي پنهنجي حراست ۾وٺي ڇڏيو ،
 خبر موجب ؛ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر نمبر ٽي ايل ڊي 165 ، موٽر سائيڪل نمبر اين ايڇ ڪي يونيڪ سوار ٻن ڄڻن مٿان چڙهي وئي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٻنهي ڄڻن جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڦهلجي ويا ،ڀٽ شاهه رورل هيلٿ سينٽر ۾ ايمبولنس نـ هئڻ ڪري ٻنهي ڄڻن جا لاش ڪافي وقت تائين قومي شاهراهه تي پيل رهيا اطلاع تي ڀٽ شاهه پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جاچيڀاٽيل لاش ٽرالر مان ڪڍي ڀٽ شاهه جي اسپتال پهچايا ، جتي ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ کنڊو واسي ڪرشن باگڙي ۽ نيو سعيدآباد جي ڪوڏو عرف دلتياز باگڙي طور ٿي ، جن کي دير سان وارث پهچي کڻائي ويا ، حادثي وقت ٽرالر ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو ، ڀٽ شاهه پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ،

إرسال تعليق

 
Top