GuidePedia

0

ڀٽ شاهه ۾ پاڪ فوججي حمايت ۾نيشنل پيس ڪميٽي فار انٽرفيٿ هارمني پاران ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ مرڪزي چيئرمين پير امين شاهه راشدي ،يوسي صدر غلام علي چهواڻ،گل فقير ،مٺو فقير باريچو،بشي بوزدار،ضمير بوزدار، اڪبرعلي،عبدالغفار ،صابر حسين شاهاڻي،انور علي ،محمد آچر،اصغر علي ،اشرف شاهه،اميرعلي سميت تنظيمي اڳواڻن ،ڪارڪنن ۽ شهرين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرڪزي چيئرمين پير امين شاهه راشدي اين پي سي آءِ ايڇ جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو ان موقعي تي مرڪزي چيئرمين پير امين شاهه راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي اسان به ڀٽائي جي پيغام تي هلندي پاڪستان ۾ امن جا حامي آهيون هن چيو ته پاڪستان ۾ گهڻي عرصي کان پوءِ امن قائم ٿيو آهي ۽ملڪ مان دهشتگردي،انتها پسندي ۽ ٻين براين کي ختم ڪرڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪرادار آهي هن چيو ته هن وقت عوام سياسي ليڊرن کان مايوس آهن ۽ سندن پاڪ آرمي تي اعتماد آهي هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم برقرار رکڻ لاءِ  عوام ۽ پاڪ فوج جو هڪ پيج تي هجڻ لازمي آهي هن چيو ته نواز شريف،عمران خان،مولانا فضل الرحمان سميت سڀ سياسي ليڊر مليل آهن اهي سڀ ملي نواز شريف کي ڪرپشن جي الزامن کان بچائڻ چاهين ٿا آئون انهن کان پڇڻ ٿو ڇاهيان ته ڇا نواز شريف انسان نه آهي هن ڪرپشن ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو آهي ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي ملڪ مان انڊيا ۽ افغان ايجنسين جا ايجنٽ ۽ دهشتگرد گرفتار ٿي رهيا آهن پاڪ آرمي ملڪ جي دشمن ايجنٽن ۽ درون حملن خلاف اهم قدم کنيا آهن 

إرسال تعليق

 
Top