GuidePedia

0


ڀٽ شاهه وي سي پروين منشي هٽايو صوفي يونيورسٽي بچايو! ڀٽ شاهه ۾ سياسي وسماجي ۽ مختلف تنظيمن پاران اياز ميمڻ،رشيد ڏيٿو،عاجز لاشاري،انور ٻرڙو،آڪاش ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان درگاهه ڀٽائي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن دنبوره چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري صوفي يونيورسٽي جي نئي مقرر ٿيل وي سي پروين منشي کي هٽائڻ جو سخت مطالبو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن اياز ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوفي يونيورسٽي جو قيام ڀٽ شاهه سميت سڄي سنڌ جي عوام لاءِ تحفو آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت بنا ميرٽ جي ڀٽ شاهه جي صوفي يونيورسٽي ۾ نئي وي سي پروين منشي کي سياسي بنيادن تي مقرر ڪيو آهي جنهن کي نه ته صوفي جي معنى جي خبر آهي نه شاهه عبدلاطيف ڀٽائي،سچل سرمست،لال شهبازقلندر،شهيد مخدوم بلاول،صوفي شاهه عنايت سميت ڪنهن به صوفي اولياءَ بابت کيس ڪابه ڄاڻ به ڄاڻ نه آهي هن چيو ته صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه ۾ اهو ماڻهون مقرر ڪيو وڃي جنهن کي شاهه لطيف سميت ملڪ جي هر دراهه جي اوليائن بابت وسيح ڄاڻ هجي هن چيو ته اهڙي وي سي جي مقرري سان علم ۽ تصوف ڪيئن ملندو ،عاجز لاشاري چيو ته صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه ۾ مقرر وي سي ڪروڙين روپيه رشوت ڏيئي پوسٽنگ ڪرائي آهي جيڪا هڪ سياسي تنظيم سان به وابسطه آهي هن چيو ته پروين منشي جو اردو ڳالهائيندڙ آهي جنهن کي سنڌ جي رهبر شاهه ڀٽائي جي  سنڌي ٻولي بابت ڪا معلومات نه آهي جنهن ڪري هوءَ صوفي يونيورسٽي ۾ علم حاصل ڪندڙن کي صوفي علم ڏيڻ ، درگاهن ۽ ولين جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهندي رشيد ڏيٿو چيو ته صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه ۾ وي سي پروين منشي کي مقرر ڪري ڀٽ شاهه واسين ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي آهي مظاهرو ڪندڙن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه ۾ مقرر ڪيل نئي وي سي پروين منشي کي فور طور هٽائي سندس جاءِ تي صوفي،علم ۽ ادب سان تعلق رکندڙ سلجهيل ۽ درگاهن ،صوفين بابت ڄاڻ رکندڙ ماڻهون مقرر ڪيو وڃي ته جيئين عوام ۾ ڇانيل بيچيني ختم ٿي سگهي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،



إرسال تعليق

 
Top