GuidePedia

0
Hala=Makhdom Haouse K Co-Ordineter Hussain sanaie Bhit    Shah Hospital Ka Dora kerny K Doran Dr & Mareezon Sy Bat Cheet  Kerty.
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 28 مئي 2016

مخدوم هائوس هالا جي ڪوآرڊينيٽر حاجي حسين سنائي ڀٽ شاهه رورل هيلٿ سينٽر ڀٽ شاهه پهچي اسپتال جو دورو ڪندي اسپتال جي سمورن وارڊن جو دورو ڪرڻ سان گڏ،اسپتال ۾ زير علاج مريضن کان سندن علاج ومعالج جي متعلق پڇاڳاڇا پڻ ڪئي ان موقعي تي پي پي ايڇ آءَ جي ضلعي انچارج ڊاڪٽر شجاع ابڙو،ايم ايس رورل هيلٿ ڀٽ شاهه،کيس اسپتال جي سمورن وارڊن ۽ روزانه علاج لاءَ ايندڙ مريضن جي علاج ومعالج جي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته مذڪوره سينٽر ۾ روزانه هزار کان وڌيڪ مختلف مرضن ۾ مبتلا مريضن ۾ جڪڙيل مريضن جو علاج بهتر نموني ڪندي انهن کي مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون وڃن ٿيون هننن ٻڌايو ته مذڪوره سينٽر۾ موجود ميٽرنٽي ۽ گائني کانسواءَ اکين جي مرض ۾ مبتلا مريضن جو انتهائي بهتر نموني علاج ۽ آپريشنون ڪيون وڃن ٿيون جنهن سبب مذڪوره سينٽر ۾ ڀٽ شاهه کانسواءَ هالا،کنڊو،خيبر،اڏيرو لال،ٽنڊو آدم،هالا،لقمان ڪوريجو،ڀاڻوٺ،هالا پراڻه،خانوٺ سميت ٻين ڏورانهن علائقن جا رهندڙ غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ويم ۽ اکين جي نور جي علاج لاءَ سينٽر تي پهچن ٿا جن جو هن سينٽر مان مفت ۾ علاج سان گڏ رهڻ،دوائن جي مڪمل سهوليت فراهم ڪئي وڃي ٿي هنن ٻڌايو ته مذڪوره سينٽر ۾ روزانه مختلف مرضن ۾ مبتلا مريضن جون آپريشن ڪندي سندن مدد ڪئي وڃي پئي.ان موقعي پي پي ايڇ آءَ ضلعي مٽياري جي انچارج ڊاڪٽر شجاع ابڙو چيو ته ڀٽ شاهه جيان هالا پرڻه،۽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ موجود بيسڪ هيلٿ يونٽن ۽ رورل هيلٿ سينٽرن تي پڻ اتانجي عوام کي مذڪوره سهوليتون فراهم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندوهن بڌايو ته پي پي ايڇ آءَ جي اڪثر سينٽرن تي بجلي جي بحالي لاءَ پڻ جوڳا انتظام ڪندي اتي سولر سسٽم لڳايا ويندا.جن جي لڳڻ سان هتانجي عوام کي هروقت علاج جي سهولت فراهم ڪندي انهن جو علاج ڪيو ويندو. 

إرسال تعليق

 
Top