هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
چارسال اڳ هالا جي بروهي محلي ۾ مڪراني ۽ بروهي برادري جي
ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ مارجي ويل صوبائي وزير روينيو مخدوم جميل جي مئنيجر وڏيرو
مير محمد چنڊ جي ڊرائيور دلباد عرف سائين بلوچ کي لٺيون هڻي ماريندڙ جوابدار مدد علي عرف متلي بروهي جي هالا ۾سندس موجودگي
جي اطلاع تي سي آءَ اي پوليس مٽياري جي
انچارج غلام اڪبر چانڊيو پنهنجي پوليس جوانن سان گڏ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر
اقبال اعوان جي حڪم تي بروهي محلي هالا ۾ ڪاروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ چئن سالن کان
فرار جوابدارمدد علي عرف متلي بروهي کي گرفتار ڪندي کيس هالا ٿاڻي تي آندو ويو.جنهن بعد قتل ڪيس ۾
گرفتار ڪيل جوابدارمتلي بروهي کي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال اعوان آڏو پيش
ڪيو ويو جتي جوابدار مدد علي عرف متلي بروهي ايس ايسپي آڏو جهيڙي ۾ دلباد عرف
سائين بلوچ جي مرجڻ جو اعتراف ڪندي پنهنجو
ڏوهه قبوليو ۽ پوليس ۽ مارجي ويل نوجوان دلباد عرف سائين بلوچ جي وارثن پاران کيس
جان کان مارڻ جي ڊپ سبب روپوشي اختياري ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو،جڏهن ته سي آءَ اي
پوليس مٽياري گرفتار ڪيل جوابدار کان وڌيڪ جانچ ۽ پڇاڳاڇا لاء کيس نامعلوم هنڌ تي
اماڻي ڇڏيو.
إرسال تعليق