هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا جي پير مولابخش ڪالوني
۾ ٽرانسفامر سڙجڻ سبب ٽن ڏينهن کان بجلي بند علائقي واسي پريشاني جو شڪار ٽن ڏينهن
کان بجلي نه هجڻ جي ڪري علائقي ۾ موجود 3 اسڪول بند،مسجدن ۾ وضو لاءَ پاڻي نه هجڻ
سبب مسجدون ويران نظر اچڻ لڳيون ان سلسلي ۾ پير مولابخش ڪالوني جي رهندڙ معززين
سردار ضمير حسين مهر،غلام محمد مهر،الهه ورايو سومرو،لالا عمراڻي،سڄڻ صحبچو،صديق
ڪوريجو،سيد بشير شاهه،سميٿ ٻين رهواسين سنڌي نيوز آن لائين سان ڳالهائيندي چيو ته
حيسڪو عملدارن پاران سندن ٽرانسفارمر جي ٺهرائي لاءَ 20 هزارروپيه گهري رهيا آهن
۽رقم نه نه ڏيڻ تي سندن ٽرانسفارم نه
لڳائڻ جو ڇئي رهيا آهن هنن چيو ته سندن علائقي ۾ مزدور ۽ بي روزگار سميت بي پهڇ
ماڻهن جي رهائش جو هڪ وڏو انگ آهي جنهن سبب حيسڪو جي عملدارن پاران کانئن طلب ڪيل
وڏي رقم جو ڪو به بندوبست نه هجڻ سبب هو ٽن ڏينهن کان لائيٽ کان محروم اذيت واري
زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اهڙي سخت گرمي هجڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهون بيمار پڻ ٿيا
آهن..هنن ڌيو ته اگر 24 ڪلاڪن ۾ هنن جو ٽرانسفارمر درست ڪندي سندن علائقي جي بجلي
بحال نه ڪرائي ويئي ته هو پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ حيسڪو آفيس هالا سامهون
احتجاجي ڏرڻو هڻندا جيڪو بجلي جي بحالي تائين جاري رهندو.
إرسال تعليق