GuidePedia

0
چودگي(رپورٽ جاويد علي نظاماڻي

 شهدادپور،ڀٽ شاهه ۽ نواب شاهه بس اسٽاپ وٽ موجود الرحيم ڪلينڪ ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق ٻگهيو پاران هڪ روز مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويئي جنهن ۾ ڪراچي،حيدرآباد ۽ نواب شاهه سان تعلق رکندڙ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جن ۾ مشهورسرجن ڊاڪٽر ونود ڪمار،ڊاڪٽر ڪونڌرشيخ،ڊاڪٽر عبدلخالق ٻگيو ۽ ٻارن جي مشهور اسپيشلٽ ڊاڪٽر بشيراحمد شيخ هالا،چودگي،ڪرم خان نظاماڻي،قاسم ٻگهيو،شاهه محمد ڏاهري سميت بين ڳوٺڻ سان تعلق رکندڙ غريب ۽ بي پهڇ مختلف بيمارين ۾ جڪڙيل ماڻهن جو مفت علاج ۽ مفت چيڪ اپ ڪرڻ سان گڏ مختلف مرضن ۾ مبتلا مريضن ۾ مختلف دوا ساز ڪمپنينن پاران مليل دوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون ويون.مذڪوره هڪ روزه مفت طبي ڪئپ ۾ 500 کان وڌيڪ مريضن جن ۾ مرد،عورتن ۽ ٻارڙن جو علاج ومعالج ڪيو ويو.مذڪوره مفت ڪئمپ جو گهڻو فائدو اتي موجود ٽن اهم شهرن جي گاڏين جي اڏي هجڻ سبب مسافرماڻهن پڻ مذڪوره مفت طبي ڪئمپ مان پنهنجو چيڪ اپ ڪرائيندي اتان ڊاڪٽرن پاران لکيل مفت دوائون وصول ڪيون.

إرسال تعليق

 
Top