GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

متحده وحدت المسلمين هالا پاران شيعه برادري جي ٽارگٽ ڪلنگ خلاف ايم ڊبليو ايم ضلعي مٽياري جي اڳواڻ علامه اختر حسين ڪمي،حمير علي ميمڻ،علامه اعجاز حسين شريعتي،علامه فهيم انقلابي،زوار الهه بچايو چانڊيو۽ زوار غلام محمد ارباب جي اڳواڻي ۾ مرڪزي شيعه امام بارگاهه هالا مان هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍيو ويوجيڪو شهر جي مختلف رستن جن ۾ مارڪيٽ چوڪ،شاهي بازار،درگاهه روڊکان ٿيندو هالا پريس ڪلب پهتو جتي احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن حڪومت خلاف زوردار نعريبازي ڪندي روڊ تي ڌرڻو هڻندي اتان گذرندڙ ٽريفڪ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو،احتجاجي جلوس کي خطاب ڪندي ايم ڊبليو ايم ضلعي مٽياري جي اڳواڻن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ شيعه ٽارگٽ ڪلنگ کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويئي آهي ۽ هو شيعن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جو دفاع ڪري رهي آهي هنن چيو ته اگر حڪمرانن پنهنجو رويو نه بدلايو ته ملڪ ۾ آباد شيعه پنهنجو دفاع پاڻ ڪندي انهن جون پاڙون هلائي ڇڏيندا ۽ ملڪ ۾ خانه جنگي کي ڪير به روڪي نه سگهندو.

إرسال تعليق

 
Top