GuidePedia

0
Hala=AC Hesco Nawab Shah & SDO Hesco Hala Awam K Masily  Sunty
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
حيسڪو طرفان ٻاروچوباغ اسٽاپ تي بجلي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچهري، اي سي نوابشاهه، ايڪسئين ٽنڊوآدم ۽ ايس ڊي او حيسڪو سب ڊويزن هالا ماڻهن جا مسئلا ٻڌا، ماڻهن پاران شڪايتن جا انبار، اوور ريڊنگ، ڊڊيڪشن بل، ڳوٺن جي بجلي ڪاٽا سميت ٻيا مسئلا حل نه ٿي سگهيا، علائقي واسين ۽ ايس ڊي او حيسڪو هالا وچ ۾ ڇڪتاڻ، هالا ۽ سعيدآباد پوليس پهچي ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪيو، علائقي واسين جو حيسڪو عملدارن جي خلاف احتجاج

خبر موجب هالا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽڻ، اوور ريڊنگ ۽ ڊڊيڪشن بلن جي عوامي شڪايتن تي اي سي نوابشاهه فاروق افغان، ايڪسئين ٽنڊو آدم عبدالغفور شيخ، ايس ڊي او هالا مجيب الرحمان سيال پاران ٻاروچو باغ اسٽاپ تي کليل ڪچهري رکي وئي جنهن ۾ ٻاروچو باغ، ڪوڙو ڏاهري، منصوره، جمال ڏاهري، سعيد خان لغاري، آمن ابڙو، سلطان فراش، ميرانپور، ڀاڻوٺ سميت ڀرپاسي جي هزارين ماڻهن پنهنجي بلن جا مسئلا کڻي کليل ڪچهري ۾ پهتا، جتي ماڻهن ايس ڊي او هالا جي خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، جڏهن ته اي سي نوابشاهه فاروق افغان ۽ ايڪسئين ٽنڊو آدم عبدالغفور شيخ ماڻهن جا مسئلا ٻڌي انهن جا جائز مسئلا فوري طور تي حل ڪرائڻ جي خاطر ڪرائي ۽ ڪجهه بلن جون قسطون ڪري ماڻهن کي يقين ڏياريو ته سندن ڳوٺن جي ڪٽيل بجلي جلد کان جلد بحال ڪئي ويندي ۽ بجلي چوري ۾ ملوث حيسڪو عملدارن جي خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي ايس ڊي او هالا مجيب الرحمان سيال پاران شڪايتن لاءِ آيل ماڻهن سان اڍنگو رويو ۽ بدتميزي ڪرڻ  تي ماڻهو مڇرجي پيا جنهن تي ايس ڊي او هالا ۽ ماڻهن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ وڏي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ، جهيڙي جي خطري سبب فوري طور تي هالا ۽ نيو سعيدآباد پوليس موقعي تي پهچي ڪري جهيڙي جي خطري کي ٽاري ڇڏيو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن ايس ڊي او حيسڪو سب ڊويزن هالا مجيب الرحمان سيال جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته کليل ڪچهري ماڻهن سان مذاق آهي جنهن ۾ صرف بجلي جي بلن جون قسطون ڪيون ويون آهن، پر اوور ريڊنگ، ڊڊيڪشن بلن، مختلف ڳوٺن جي بجلي ڪٽيل هئڻ سميت ڪوبه مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته حيسڪو هالا جا عملدار پئسن عيوض بجلي جا ڪنيڪشن ڏئي هٿ سان بجلي چوري ڪرائي رهيا آهن ۽ جن ماڻهن جي ميٽر لڳل آهن انهن مٿان اوور ريڊنگ ۽ واڌو بل موڪلي انهن خلاف بلاجواز رڻ ٻاري ڏنو آهي، هنن چيو ته مٿان رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ اسان جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي اڃا تائين ڪٽيل آهي پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي، هنن چتاءُ ڏنو ته اگر رمضان شريف جي ڀلاري مهيني کان پهرين سندن ڳوٺن جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي حيسڪو اختيارين جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو،

إرسال تعليق

 
Top