GuidePedia

0
Hala=Hindo Panchait Rahnima Press Confrance Kerty.

هالا رپورٽ عبدالغفور ميمڻ  
هالا جي هندو برادري جو ڪٺ،کين اغوا ۽ پوليس عملدارن پاران زبردستي خلاف احتجاج،تدارڪ نه ٿيڻ تي پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ۽ شٽر بند هڙتال ڪرڻ جوچتاءُ.اسان امن پسند ۽ ڪاروباري آهيون اسان کي فونن تي ڌمڪيون ۽ زبردستي اغوا جون ڌمڪيون ڏيندڙ اسانکي شهر مان بيدخل ڪرڻ لاءَ حربا هلائي رهيا آهن اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.سيٺ تارا،سيٺ نند ڪمار،جهمٽ مل ۽ هندو پئنچائت جا اڳواڻ.
خبر موجب هالا هندو پئچائت هالا جو هڪ ڪٺ سندن ڌرمشالا ۾ ٿي گذريو ان ڪٺ ۾ هالا جي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ اڳواڻ سيٺ تارا مل،سيٺ نندڪمار،ٺيڪيدار جهمٽ مل سميت ٻين اڳواڻن سميت برادري جي چگن مڙسن ۽ معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هندو برادري جي اڳواڻ ۽ ٺيڪيدار جهمٽ مل مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن گذريل ٻن ڏينهن کان ڪجهه نامعلوم ماڻهو کيس موبائيل فون ذريعي ڪيس سندس اولاد کي جانکان مارڻ ۽ اغواڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته مذڪوره فون ڪندڙن جي کيس گهر کان ٻاهر گهرائڻ تي هو انهن سان ڳالهائڻ تي پهتوته اتي موجود شهر سان تعلق رکندڙ ٻن موٽرن سائيڪلن تي سوار ٽن ڄڻن جن ۾ هرهڪ محمد عرس ساند ۽ سندس هڪ پٽ ۽ هڪ ٻيورشتيدارن کيس زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي جنهن تي ان پاران دانهن تي اتي موجود پاڙي وارن جي پهچڻ تي اهي کيس ڇڏي فرار ٿي ويا هن چيو ته ان وقت انهن جوابدارن هالا ٿاڻي تي مقرر سب انسپيڪٽر کي پڻ انهن کيس زبردستي کڻڻ لاءَ چيوجنهن تي هوپنهنجي جان بچائي واپس گهرپهتو.ان موقعي تي هندوپئچائت جي اڳواڻ سيٺ تارا ۽ سيٺ نند ڪمار چيوته هوهالا جا نه بلڪي سنڌ جا رکوالا ۽ ڪاروبارسان تعلق رکندڙ شهري آهن مگر ڪجهه عرصي کان ڪجهه شرپسند ماڻهو کين مختلف طريقن سان تنگ ڪري جنهن ۾ مختلف فونن ذريعي مختلف وقتن تي کين اغوا،سندن ڪاروبار کي بند ڪرائڻ سميت کين نقصان پهچائڻ لاءَ ۽هالا مان بيدخل ڪرڻ لاءَ پنهنجي مهم هلائي رهيا آهن جنهن جوهنن وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي خاموش نه بلڪي روڊن تي اچي انهن کي شهرين ۽ اعلي اختيارين آڏو وائکو ڪيو ويندوان موقعي تي انهن جهمٽ مل کي فون ذريعي جان کان مارڻ ۽گهر ٻاهران زبردستي اغوا ڪندڙ عرس ساند سندس پٽ ۽ هڪ رشتيدار سميت هالا ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر خلاف فوري قانوني ڪاروائي ڪرڻجو مطالبوڪندي ساڻن انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي ان موقعي تي هنن اڄ هالا پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ڪندي تحفظ نه ملڻ هنن پنهنجو ڪاروبار بند ڪندي شٽر بند هڙتال چتاءَ ڏنو آهي .

إرسال تعليق

 
Top