GuidePedia

0

ڀٽ شاهه رپورٽ سهراب ڪاڪا
مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي ڀٽ شاهه ۾ واپڊا هائيڊرويونين پاران واپڊا يونين ڀٽ شاهه جي چيئرمين محرم علي خاصخيلي ۽ غلام عباس ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي واپڊا آفيس کان هڪ وڏي عاليشان ريلي ڪڍي وئي ريلي الله والا چوڪ کان ٿيندي ڀٽ شاهه پريس ڪلب تي پهتي جتي واپڊا جي ملازمن مزدورن جي حق ۾ بلند آواز سان حب ڏاريندڙ نعره هنيا ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻ محرم علي خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي سهولت لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي ِهن چيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ هن وقت تائين ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پگهار ۽ الائونس به نه وڌائي آهي جڏهن ته کين صحت،تعليم،رهائش ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو آهي غلام عباس ملوکاڻي چيو ته حڪومت واپڊا جي ملازمن سميت ملڪ جي هر اداري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حوصلي کي وڌائڻ لاءِ اڄ تائين صرف اعلان ئي ڪيا آهن پر اڄ تائين ان تي عمل نه ڪيو آهي جنهن ڪري سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهون بدحالي ۽ پريشان حال جو شڪار آهن سندن ٻچڙا سٺي تعليم،صحت،روزگار سميت ٻين سهولتن کان محروم آهنِ واپڊا هائيڊرويونين جي ملازمن حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سميت ٻين جاين تي پورهيو ڪندڙ ماڻهن جي اجرت وڌائي سندن صحت،تعليم،رهائش سميت ٻين مسئلن کي حل ڪيو وڃي.


إرسال تعليق

 
Top