هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
سروري جماعت جو روحاني
پيشوا اڳواڻ ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان لنڊن ۾ پ پ جي چيئرمن آصف علي زرداري
سان ملاقات بعد هالا پهچي ويو.مخدوم جميل الزمان سائي سومار جي موقعي تي سانجهي جي
نماز درگاهه غوث الحق مخدوم سرورنوح جي مزار تي ادا ڪئي جڏهن ته ان کان اڳ درگاهه
جي گادي نشين مخدوم جميل الزمان مزار تي حاضري ڀرڻ دوران پنهنجي ڏاڏي مخدوم محمد
الزمان طالب المولي ۽ پنهنجي والد مخدوم محمد امين فهيم جي مزارن تي پڻ حاضري
ڀريندي فاتح پڙهي ۽ دعائون گهريون.جڏهن ته ان موقعي تي سروري جماعت جي مريد عورتن
۽ مردن سرووري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ ۽ درگاهه جي سجاده نشين مخدوم جميل الزمان
جو درگاهه سرور نوح پهچڻ تي سندس ذڪر الاهي سان سندن استقبال ڪيوان موقعي تي
درگاهه جي سجاده نشين مخدوم جميل الزمان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هالا پهتل سروري مريدن
کي زيارت ڪرائي ۽ مريدن ۾ وٽ پڻ تقسيم ڪئي.جڏهن
ته مخدوم جميل الزمان درگاهه سرور نوح تي حاضري ڀرڻ بعد صوبائي وزير مخدوم جميل
الزمان سروري مريدن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو الله جي رسي کي مضبوطي سان
پڪڙي پنهنجي اولاد کي ديني تعليم سان آراستا ڪن ۽ کين نماز،روزي جو پڻ پابند ڪن جماعت
کي مضبوط ڪندي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو قائم رکن.ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان لنڊن ۾ پ
پ چيئرمن آصسف علي زرداري سان ڪيل ملاقات متعلق چيو ته آصف علي زرداري سان ٿيل
ملاقات دوران کيس سمورن خدشن،ذيادتين ۽ ضلعي مٽياري جي ترقياتي ۽ عوامي مسئلن کان
آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي،سنڌصوبي کان علاوه خصوصن ضلعي مٽياري جي ترقياتي ڪمن ۽
پارٽي رڪنيت سازي کان علاوه مٽياري ضلعي جي چيئرمن شپ سميت هالا،نيوسعيدآباد ۽
مٽياري تائون ڪميتين جي چيئرمن شپن تي پڻ
انتهائي خوشگوارماحول ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي.جنهن تي پ پ جي چيئرمن آصف
علي زرداري سندن سمورن مسئلن کي سنجيدگي ٻڌندي کين ضلعي مٽياري متعلق
سمورااختيارسندن حوالي ڪياآهن.هن چيو ته مخدوم هائوس پنهنجا در کليل رکندي سڀني کي
پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي دعوت ڏيندو رهيو آهي ڪنهن سان ذيادتي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪئي
ويندي ضلعي مٽياري جي عوام سان رابطه مهم جو شروع ڪيل سلسلو جاري رکندي انهن سان
ملاقاتون ڪري سندن مسئلا فوري طور تي حل ڪرايا ويندا.عوام کي روڪيندڙ ملازمن خلاف
ڪاروائي ڪندي انهن کي مخدوم هائوس کان روڪيو ويندو.ان موقعي تي ساڻس گڏ ڪريم گل،گل
محمد پنهور،نديم ڏاهري،وڏيروميرچنڊ،شوڪت انڙ،خليفو سيد نورمحمد شاهه،سميت سروري
جماعت جا اڳواڻ ۽ مريدن جو وڏو انگ موجود هو.
إرسال تعليق