GuidePedia

0
هالا (رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

بلديه ليبرورڪر اتحاد ميونسيپل ڪميٽي هالا پاران ميونسيپل جي ملازمن کي سندن حق ۽ پگهارون ٽريزري ذريعي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ هالا ميونسيپل ڪميٽي هالا جي ملازمن بلديه ليبر يونين ورڪر اتحاد جي اڳواڻ سيد منور علي شاهه،لياقت علي ارباب،ذيشان حيدر ميمڻ،محمد عثمان ميمڻ،نعمان صدر،شاهد حسين سنائي،نثاراحمد ميمن،غلام قادر عمراڻي،غلام علي ميمڻ،جي اڳواڻي ۾ ميونسيپل ڪميٽي هالا مان هڪ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويوجيڪو شهر جي مختلف هنڌن تان ٿيندو پريس ڪلب هالا پهتو جتي بلديه ليبر ورڪر اتحاد جي اڳواڻن پنهنجي مزدور ملازمن سان احتجاج ڪندي پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءَ زوردار نعريبازي ڪندي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيوجنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي ويئي.جڏهن ته مّذڪوره احتجاجي جلوس ۾ شريڪ ميونسيپل هالا جي سوين ملازمن کي خطاب ڪندي ليبر يونين جي اڳواڻ سيد منورعلي شاهه،لياقت علي ارباب،ذيشان حيدر ميمڻ جن چيو ته ملڪ جي ٽن صوبن جي ميونسيپل ملازمن کي پگهارون سندن بئنڪ اڪائونٽ مان ملن ٿيون ۽ ان کان علاوه اتانجي ملازمن کي هر سهوليت جن ۾ جي پي فند،گروپ انشورنس،بينيوئل فند،فوتي ڪوٽا،ٽائيم اسڪيل وغيره ٻيون ڪيتريون ئي مراعتون حاصل آهن مگر سنڌ حڪومت سنڌ ڀر جي سمورن ميونسيپل ۽ ٽائون ملازمن کي انهن سمورين مراعتن کان پاسيرو رکيو ويٺي آهي هنن وزري اعلي سنڌ،چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني ادارن جي صوبائي وزير،سيڪريٽري،سميت ضلعي متياري جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي اپيل ڪئي آهي ته اهي سندن آواز ايوانن ۾ اٿاري ميونسيپل ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سندن جائز حق ڏيارڻ ۾ سندن مدد ڪندي ملڪ جي ٻين صوبن جيان سنڌ صوبي جي سمورن ميونسيپل،ٽائون ملازمن کي انهن ملڪ جي ٻين ٽن صوبن جي ملازمن جيان کين سندن جائز حق ۽ مراعتون ڏيارين.احتجاج ڪندڙ ملازمن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر سنڌ حڪومت کين سندن حق نه ڏنا ته هو ڪراچي جو رخ ڪندي سي ايم هائوس آڏو احتجاجي لانگ مارچ ڪندي احتجاجي ڌرڻو پڻ هڻندا.

إرسال تعليق

 
Top