GuidePedia

0
Hala=MNA Matiari Makhdom Saeed Zaman Press  ConfranceKerty,Us K Sath Zawar Faqeer Hussain Ali Jafiree,Sayed M,Ali Shah  & Hussain Sanai Bhi Mojod Nazer Aaty

هالا(رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)

ايم اين اي مٽياري مخدوم سعيد الزمان (عاطف) مخدوم هائوس هالا ۾ هالا جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم ميان نواز شريف کي پاناما ليڪس جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ اچي آئيني طورپنهنجي وضاحت ضرورڏيڻي پوندي جيڪڏهن وزير اعظم سڀاڻي(اڄوڪي) اجلاس ۾ نه آيو ۽ پاناما ليڪس تي اپوزيشن جي سوالن جا جواب نه ڏنا ته اپوزيشن جماعتن جي پاران ٿيندڙ لاعمل تي پ پ پنهنجو ڪردار ڀرپورنموني ادا ڪندي اول صف ۾ هوندي،سنڌ سميت ضلعي مٽياري ۽ خصوصن هالا ۾ حيسڪو انتظاميه جي هٿرادو ذيادتين جي مسئلي تي قومي اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرڻ لاءَ هڪ گڏيل سمري ٺاهي ويئي جيڪا ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ بعد وفاقي وزير بجلي عابد شير علي حوالي ڪئي ويندي.مخدوم سعيد الزمان چيو ته هالا ۾ مقرر ايس ڊي او حيسڪو هالا ڪنهن سياسي چر تي هالا جي عوام کي تنگ ڪري رهيو آهي مگر هالا جو عوام صابرين آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ قانون جي خلاف ورزي نه ڪندي ان خلاف قانوني ويڙهه وڙهندي ان کان پنهنجا حق وٺندو.ضلعي مٽياري ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪجهه علائقن ۾ خراب هجڻ تي حڪومت سنڌ پاران هالا شهر جي لاءَ منظور ڪيل 4 واٽر پلان منظور هجڻ تي مخدوم سعيد الزمان چيو ته انهن جي لڳڻ سان علائقي واسين کي صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ٿيندو ۽ هتانجو عوام ڪيترن ئي موذي مرضن کان بچي ويندو هن چيو ته سندن اها ڪوشش آهي ته پوري ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ شهر جتي پيئڻ جو پاڻي خراب صورت اختيار ڪري ويو آهي انهن علائقن ۾ روهڙي ڪئنال مان صاف پاڻي انهن متاثرن علائقن جي ماڻهن جي گهرن تائين رسايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه سان پڻ رابطو ڪيو ويو آهي جنهن پاران مذڪوره مسئلي جي حل جو يقين پڻ ڏياريو آهي.ان کان علاوه ضلعي مٽياري جي ٽنهي تڪن سان تعلق رکندڙ سئي گئس کان محروم شهرن توڙي ڳوٺن جي علائقن ۾ سوئي گئس جي بحالي لاءَ کنيل اپاءَ ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ انشاءَ الله تمام جلد انهن علائقن ۾ سوئي گئس جي فراهمي ڪئي ويندي.مخدوم سعيد الزمان چيوته هالا سميت ضلعي مٽياري جي هر شهر،ڳوٺ،واهڻ ۽ وسطي ۾ رهندڙ عوام جي مسئلن کي وقتن به وقت ٻڌو ويندو ۽ انهن جي حل لاءَ پڻ فوري قدم کڻندي انهن کي انصاف سندن در تائين پهچائڻ سندن فرض ۾ شامل آهي ۽ هر علائقي ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي وارا ڪم برابر جي بنياد تي ڪرايا ويندا ڪنهن سان به ذيادتي نه ڪئي ويندي.ان پريس ۾ مخدوم سعيد الزمان جو پي اي سيد محمد علي شاهه،پي اي مخدوم رفيق الزمان زوار فقيرحسين علي جعفري،مخدوم هائوس جو ڪوآرڊينيٽر حاجي حسين سنائي ميمڻ جن پڻ موجود هئا.

إرسال تعليق

 
Top