هالارپورٽ: عبدالغفور
ميمڻ)
ايس ايس پي
مٽياري ملڪ ظفر اقبال اعوان پاران هالا جي
صحافين سان واعدي وفائي ڪندي پريس ڪلب هالا جي
دوري دوران اعلانيل ايئرڪنڊيشند پريس ڪلب هالا جي صحافين حوالي ڪئي ايس ايس پي مٽياري جي اهڙي قدم تي هالا پريس ڪلب جي صحافين
عبدالغفور ميمڻ، اشتياق شيخ، مشتاق ميمڻ، افتخار ميمڻ،نديم احمد مگريو،سيد حاڪم
علي شاهه،رحمان ڪشميري،اشفاق احمد ڏاهري،امان الله ڏاهري،اشرف کماڻ،جاويد علي نظاماڻي،عمير
ميمڻ،وڪيل ملڪ ۽ ٻين ايس ايس پي مٽياري ملڪ
ظفر اقبال اعوان جوشڪريو ادا ڪيو.جڏهن ته ايس ايس پي مٽياري هالا جي سينيئر صحافي
عبدالغفور ميمڻ سان چالهائيندي چيو ته هالا جي صحافين کي درباري صحافت ڪرڻ بجاءِ
حق سچ جي پاسداري ڪندي غريب، مسڪين، لاچار ۽ بيوس ماڻهن جو آواز بنجي اٿڻ گهرجي،
صحافين کي گهرجي ته هو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ڏوهاري سرگرمين جي پڻ نشاندهي ڪن ته
جيئن انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته پريس ۽ پوليس جو
چولي دامن جو ساٿ آهي ان ڪري اسان کي گڏجي هلڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ موجود خراب عنصرن
کي ٻاهر ڪڍجي ته جيئن اسان ۽ اسان جو معاشرو سڪون ۽ آرام سان رهي سگهون.
إرسال تعليق