هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ
ايس ايس پي مٽياري جي حڪم تي ضلعي ڀر ۾ منشيات فروشن خلاف
ڪاروائي جو عمل جاري جڏهن ته ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن هالا،ڀٽ شاهه،اڏيرو استيشن ۽
اڏيرو لال ٿاڻن جي پوليس الڳ الڳ ڪاروائيون ڪندي مين پڙي،گٽڪو وڪرو ۽ کائيندڙ اٺن
جوابدارن جن ۾ هر هڪ ضمير خاصخيلي،سڪندرڏاهري،عابد بالادي سميت ٻين ملازمن تي
منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي کي چالان ڪري ڇڏيو۽ گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان هٿ
ڪيل سوين گٽڪو جون پڙيون ۽ مين پڙين جا دٻا پڻ تحويل ۾ وٺي چڏيا.ايس ايڇ او
هالاعبدالله ٻرڙو چيو ته هالا ۾ مين پڙي ۽ گٽڪو هلائيندڙ کي ڪنهن به صورت ۾ نه
بخشيوويندو.
إرسال تعليق