GuidePedia

0
mobile phone bracelet naya mobile tyar

بيجنگ ( آن لائين سنڌي نيوز) هاڻي موبائيل فون کي موڙي بريسليٽ طور پائڻ به ممڪن بڻجي ويو آهي، چيني ڪمپنيءَ لچڪدار اسڪرين وارو دنيا جو پهريون سمارٽ فون ٺاهي ورتو آهي، انهيءَ موبائيل فون جي اسڪرين ۾ اسٽيل کان به 200 ڀيرا مضبوط لچڪدار گرافينس مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي، 2004ع ۾ اهو مٽيريل ٺاهيندڙ مانچسٽر يونيورسٽيءَ جي سائنسدانن کي نوبل انعام ڏنو ويو هو، چيني ڪمپنيءَ موجب في الحال اهڙا بليڪ اينڊ وائيٽ سيٽ ٺاهيا ويندا، بعد ۾ ڪلر وارا سيٽ تيار ڪيا ويندا، في سيٽ جي قيمت 531 پائونڊ مقرر ڪئي وئي آهي، پهرئين مرحلي ۾ چين لاءِ اهڙا هڪ لک موبائيل فون سيٽ ٺاهيا ويندا

إرسال تعليق

 
Top