GuidePedia

0
Pakistan Vs England Tour Afridi Ahmed Shahzad and Umar Akmal Durap
لاهور ( آن لائين سنڌي نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪاميٽي  انگلينڊ خلاف سيريز جي تياري لاءِ 21 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر انضمام الحق ٻڌايو ته اوپنرن ۾ محمد حفيظ، سميع اسلم، شان مسعود ۽ خرم منظور جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حفيظ جي اسڪين رپورٽ ملڻ بعد سندس شموليت جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو، انضمام ٻڌايو ته مڊل آرڊر ۾ يونس خان، مصباح الحق، اظهر علي، اسد شفيق ۽ افتخار احمد، اسپن بالرن ۾ ياسر شاهه ۽ ذوالفقار بابر، جڏهن ته فاسٽ بالرن ۾ محمد عامر، راحت علي، عمران خان، سهيل خان، جنيد خان ۽ احسان عادل کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وهاب رياض جي شموليت سندس دستيابي سان مشروط آهي، انضمام ٻڌايو ته سرفراز احمد ۽ محمد رضوان کي وڪيٽ ڪيپر جي حيثيت سان ٽيم ۾ جاءِ ڏني وئي آهي، نون رانديگرن ۾ آصف ذاڪر ۽ اڪبر رحمان کي موقعو ڏنو ويو آهي، انضمام الحق جو چوڻ هو ته ذوالفقار بابر ڪئمپ ۾ مڪمل فٽ ثابت ٿيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ياسر شاهه ٻه کان 3 هفتن ۾ مڪمل فٽ ٿي ويندو، جيڪڏهن محمد حفيظ جي فٽنيس رپورٽ ڪليئر نه آئي ته سندس جاءِ تي ٻئي ڪنهن رانديگر کي شامل ڪيو ويندو، ڪاڪول اڪيڊمي ۾ بوٽ ڪئمپ سان رانديگرن جي فٽنيس جو معيار بهتر ٿيو آهي، بابر اعظم کي ويهارڻ کان بهتر آهي ته راند جو موقعو ڏنو وڃي، ڪوشش آهي ته نوجوان رانديگرن کي آل رائونڊر طور موقعو ڏيون، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته 7 سٺا فاسٽ بالر آهن ته ستن ئي کي شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته انگلينڊ دوري لاءِ ڪو به ٽيسٽ آل رائونڊر ناهي مليو، ڪئمپ ۾ ڪيترن ئي اهڙن رانديگرن کي گهرائي آزمايو ويو، جيڪي سٺو پرفارم ڪري رهيا هئا، اي ٽيم مان ڪجهه رانديگر ون ڊي ۽ ٽي-20 ۾ پاڪستاني ٽيم جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته ٽيم ۾ شموليت لاءِ آل رائونڊرن جي چونڊ ۾ ڪي به آپشنز ناهن، قومي ٽيم جو مڊل آرڊر مستحڪم آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته فواد عالم کي به کيڏائڻ جو آپشن موجود آهي، عامر يامين هڪ سٺو آل رائونڊر آهي، پر کيس تجربو نه آهي، وهاب رياض ڪائونٽي کيڏي رهيو آهي، ضرورت پئي ته کيس اتي ئي گهرائي وٺنداسين، هن چيو ته چونڊيل رانديگر هاڻي لاهور ۾ 30 مئي کان 6 جون تائين تربيتي ڪئمپ ۾ حصو وٺندا، پاڪستاني ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ هڪ ٽي-20 ميچ جي سيريز کيڏندي، ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ خلاف ڪرڪيٽ سيريز جي تياري لاءِ 35 رانديگرن جي فٽنيس ڪئمپ لڳرائي هئي، جنهن ۾ 30 رانديگرن شرڪت ڪئي هئي ۽ فوجين جي نگراني ۾ فٽنيس بهتر ڪئي، ٻئي پاسي شاهد آفريدي، عمر اڪمل، احمد شهزاد، ناصر جمشيد، محمد عرفان، عبدالرزاق، حارث سهيل ۽ سعيد اجمل سميت ڪيترن ئي رانديگرن کي تربيتي ڪئمپ جي ٻئي مرحلي ۾ به ڊراپ ڪيو ويو آهي.

إرسال تعليق

 
Top