GuidePedia

0
Pakistani Great Filmstar Rangeela


ڪراچي(آن لائين سنڌي نيوز) پاڪستاني فلمن ۾ مزاح جو بنياد وجهندڙ مشهور مزاحيه اداڪار ۽ مزاح جي بي تاج بادشاهه اداڪار رنگيلي جي وڇوڙي کي اڄ 11 سال مڪمل، سندس خاندان پاران ورسي ملهائي ويندي، جڏهن ته سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ جو اعلان نه ٿيو. فلمن ۾ مزاح جو بنياد وجهندڙ ۽ 48 سال فن کي ڏيندڙ 6 سئو کان مٿي فلمن ۾ ڪم ڪيو، رنگيلي جو اصل نالو سعيد علي خان هو، هن 1937ع ۾ افغانستان جي هڪ ننڍڙي شهر ۾ جنم ورتو، هن جو والد مسجد جو پيش امام هو، هن کي 2 ڀائر هئا جيڪي اتي دشمني سبب والد سميت قتل ٿي ويا، هن جي والده هن کي لڪائي وڏي مشڪل سان پشاور وٺي آئي، ان وقت هن جي عمر 14 سال هئي، معاشي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري هن اتي پينٽنگ جو ڪم شروع ڪيو، اڪثر ڪري فلمن وارا هن کان فنڪارن جون تصويرون ٺاهرائيندا هئا، اهڙي طرح هن زندگي ۾ پهرئين فلم ”جگنو“ سئنيما تي ڏٺي، جنهن ۾ اداڪار دليپ ڪمار ۽ نورجهان کي ڏسي کيس دل ئي دل ۾ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق جاڳيو، هو پشاور کي خدا حافظ چئي لاهور ۾ آيو، اتي ڄاڻ سڄاڻ نه هئڻ ڪري هڪ مسجد ۾ ديني تعليم وٺڻ جي بهاني سان رهي پيو، ديني تعليم وٺڻ دوران هو فلم اسٽوڊيوز جا پڻ چڪر ڪاٽيندو هو، انهي دوران هن هڪ باڊي بلڊنگ جي اداري ۾ داخلا ورتي عوام هن جي باڊي کي ڏسي ڪري کلندا هئا ۽ هي باڊي بلڊنگ ڪرڻ دوران ماڻهن کي کلائيندو هو، کلائڻ تي ڪجهه ماڻهن هن کي مشورو ڏنو ته توهان فلمن ۾ مزاحيه اداڪاري سٺي ڪري سگهو ٿا، هو پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ اداڪاري ڏانهن پورو ڌيان ڏيڻ لڳو، اهڙي طرح هن پهرين فلم ”داتا“ ۾ مختصر ڪردار ڪيو، پوءِ آهستي آهستي هي فلم سازن جي مجبوري بڻجي ويو. اداڪار، موسيقار، ليکڪ، گلوڪار، هدايتڪار آل رائونڊربنجي ويو رنگيلي صاحب پنهنجي  48 سالن جي عمر ۾ 600 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو اداڪار رنگيلي 3 شاديون ڪيون، جنهن مان 14 ٻار 6 پٽ، 8 ڌيئر آهن هن 14 فلمون پروڊيوس ڪيون، 20 فلمن جو پاڻ ڊائريڪٽر رهيو، هن جا مشهور فلمي گيت ”ڪس ني توڙا هي دل حضور ڪا“، ”سب تو سوهنيا، هائي وي من موهنيا“ مشهور ۽ مقبول ويا، جڏهن ته هن جا ٻه پٽ ڪامران رنگيلو ۽ سلمان رنگيلو شوبز ۾ آهن پر پيءَ جون سڪون اڃا به نه لاهي سگهيا آهن، رنگيلو آخري ڏهاڙن ۾ سخت بيمار رهيو، 2 مهينا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ بعد 24 مئي 2005ع تي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو

إرسال تعليق

 
Top