GuidePedia

0
 West Bengal Pali Shila Ghosh A Lady 83 Good Story
پالِي 87 سالن جي هيءَ ٻُڍڙي خاتون شيلا گهوش  محنت جي ڪهاڻي

مغربي بنگال جي ’پالِي‘ نالي علائقي ۾ رهندڙ 87 سالن جي هيءَ ٻُڍڙي خاتون شيلا گهوش، ان ڳالهه جو جيئرو جاڳندڙ مثال آهي ته همت واقعي به عمر جي محتاج ناهي هوندي. هُوءَ پنهنجي ڳوٺان ڪجهه شيون تري شهر کڻي ايندي آهي، جتي واٽهڙو، کانئس اهي خريد ڪندا آهن ۽ سندس گذر سفر ٿيندو آهي. 5 سال پهرين سندس اڪيلو پُٽ ڦڦڙن جي ڪئنسر جي ڪري وفات ڪري ويو هو ۽ پوءِ کيس حياتيءَ جي گاڏي هلائڻ لاءِ جفاڪشيءَ جي رستي جي چونڊ ڪرڻي پئي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته کيس هفتيوار سفر ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ته پيش نٿي اچي ته هُن مرڪندي وراڻيو، ”نه... مان بس جي وسيلي هتي پهچي ويندي آهيان ۽ تنهن کان سواءِ منهنجي صحت به ڪا ايڏي خراب ڪانهي.“ چئن ماڻهن وارو ڪٽنب سنڀاليندڙ هيءَ بزرگ خاتون 4 سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿي، جيڪو به سندس خاندان لاءِ گهٽ آهي. حالتون کيس گهرڻ تي يا پنڻ تي به مجبور ڪري پئي سگهيون، پر هُن پنهنجي وقار ۽ عزت کي سامهون رکندي اهو فيصلو ڪيو ته هُوءَ حياتيءَ جي آخري ساهه تائين محنت ڪندي رهندي. هي مثال گهڻن جي اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي.

إرسال تعليق

 
Top