GuidePedia

0
sanghar mein dc ke ramzan ke hawali se metting
سانگهڙڊپٽي ڪمشنر عمر فاروق بلو رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي مناسبت سان ضلعي جي سمورن واپارين ۽ لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ مهيني دوران سرڪار طرفان عام واهپي جي شين جي مقرر ڪيل اگهن تي مڪمل طرح سان عملدرآمد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ ۽ منافعي خورن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندي مٿن ڏنڊ لڳايو ويندو.هن اهڙو اظهار اڄ پنهنجي آفيس ۾ رمضان المبارڪ جي حوالي سان هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.عمر فاروق بلو چيو ته رمضان المبارڪ جو ڀلاري مهيني ۾ ضلعي جي عوام لاءِ عام واهپي جي شين مناسب اگهه مقرر ڪيا ويا آهن ۽ کين پاڻي ، بجلي، صفائي سٿرائي ۽ امن امان جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سندس انتظاميه اڳواٽ ئي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن هن واپارين کي هدايت ڪئي ته اهي سرڪار طرفان مقرر اگهه جون فهرستون پنهنجن دڪانن تي لڳائن ۽ مقرر اگهن تي شين جي وڪري کي يقيني بڻائن ٻئي صورت ۾ سندس خلاف سخت قدم کنيا ويندا. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ مئجسٽريٽ جي سربراهي ۾ مختلف ٽيمون پڻ جوڙيون وين آهن جيڪي روزاني جي بنياد تي مارڪيٽ جا دورا ڪري وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪنديون .هن ميونسپل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ دوران روايت کي برقرار رکندي شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائن ۽ شهر جي صفائي سٿرائي جا پڻ جوڳا انتظام ڪيا وڃن ته جئين عوام کي هن ڀلاري مهيني ۾ ڪنهن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي.هن حيسڪو عملدارن کي پڻ هداينت ڪئي ته اهي سحري ۽ افطار جي وقت لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن ته جئين روزيدارن کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ دوران صحت جي بنيادي سهولتون جي دستيابي کي يقيني بڻائن.گڏجاڻي ۾ روينيو، صحت ، مارڪيٽ ڪاميٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي

إرسال تعليق

 
Top