GuidePedia

0
هالا۾ڀيڻ پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن ۽ٻن ڀائيٽن تي حملي ۽ زبردستي نڪاح ٽوڙڻ جي دباءَ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 25 مئي 2016
هالا۾ ڀيڻ پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن ۽ٻن ڀائيٽن تي حملي ۽ زبردستي نڪاح ٽوڙڻ جي دباءَ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.هالا پوليس عدالت جي حڪم تي مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.جوابدار ڌر فرار.

خبرموجب هالا جي پيرمولابخش ڪالوني هالا ۾ رهندڙ ارباب برادري سان تعلق رکندڙ هڪ ئي گهر۾ رهندڙ ڀيڻ ۽ ڀائرن ۾ ٿيل جهيڙي بعد ننڍي ڀيڻ سرڪاري وڪيل گلناز ارباب سيشن ڪورٽ مٽياري ۾ پنهنجن ٻن وڏن ڀائرن جن ۾ نورعلي ارباب،نورنبي ارباب،ٻن ڀائيٽين جن ۾ پرويزاحمد ارباب ۽فهيم احمد ارباب خلاف مارڪٽ ۽ انهن پاران سندس چارمهينا اڳ شادي ڪيل نڪاح کي زبردستي ختم ڪرڻ جي درخواست دائري جنهن تي عدالت پاران مذڪوره جوابدارن تي هالا پوليس کي معن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري جنهن جي حڪم تي هالا پوليس ايڊوڪيٽ گلناز ارباب جي فرياد تي مٿين ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀائيٽين تي قلم 452-504-506,2.34.337AI_FIPPC تحت انهن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،مٿين جوابدارن جي گرفتاري لاءَ انهن جي گهرن تي پوليس رواني ڪئي مگرڪيس ۾ گهربل سمورا جوابدار افرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.جڏهن ته ٻئي طرف ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته ڀيڻ پاران ڪيس ۾ ڄانايل ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀائيٽين سيشن ڪورٽ مٽياري ۾ گرفتاري کان اڳ پنهنجي ضمانت منظورڪرائي ورتي آهي.

إرسال تعليق

 
Top