GuidePedia

0
sehwan sharif lal shahbaz qalandar 764 urs mubark

سيوهڻ(آن لائين سنڌي نيوز) قلندر شهباز جو ساليانو عرس مبارڪ اڄ شروع، گورنر سنڌ صبح جو مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندو، عقيدتمند سيوهڻ پهچي ويا، هر طرف دما دم مست قلندر جا نعرا، ڌمالون ۽ رقص، حضرت قلندر لعل شهباز رحه جو ساليانو 764 هون عرس مبارڪ اڄ کان سيوهڻ شريف ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان شروع ٿي رهيو آهي، ميلا ڪاميٽي انتظاميا موجب قلندر جي ميلي جو باقائده افتتاح گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد اڄ صبح جو مزار قلندر تي چادر چاڙهي ڪندو، جنهن بعد غريب ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ورهائيندو، شهباز ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ڊي سي ڄامشورو منور علي مهيسر موجب قلندر جي ميلي جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن قلندر لعل شهباز جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان پانڌيئڙا عورتن ۽ ٻارڙن سميت سيوهڻ پهچي ويا آهن، جيڪي شهر ۾ ديرا ڄمائي دما دم مست قلندر سخي شهباز قلندر جا نعرا ۽ صدائون بلند ڪري رهيا آهن ۽ وڏن دهلن ۽ بينڊ باجن ۽ ٻين سريلن سازن تي قلندري ڌمالون هڻي رقص ڪري رهيا آهن، قلندر جي عقيدتمندن پاران مختلف قافلن جي صورت ۾ درگاهه تي پهچي مزار تي خوبصورت چادرون چاڙهي پنهنجي بي لوث محبت جو اظهار پڻ ڪيو پيو وڃي، قلندر جي ميلي دوران عريان ناچ گاني تي مڪمل بندش وڌي وئي آهي، ميلي جي پهرين ڌمال کان ٽن ڏينهن لاءِ ملاکڙو منعقد ڪيو ويندو، جڏهن ته اڄ پهرين ڌمال تي رات جو شهباز آڊيٽوريم ۾ سگهڙن جي ڪچهري پڻ منعقد ڪئي ويندي 

إرسال تعليق

 
Top